پي ٽي آءِ پنجاب جي باغي ميمبرز کي فوري طور معطل ڪرڻ کان انڪار

0
195
آدمشماري بابت اليڪشن ڪميشن جي وضاحت
آدمشماري بابت اليڪشن ڪميشن جي وضاحت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ پنجاب جي باغي ميمبرز کي فوري طور معطل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پي ٽي آءِ پنجاب جي ايم پي ايز پاران داخل ڪرايل درخواست رد ڪئي وئي آهي

اليڪشن ڪميشن سمورين ڌرين کي دليل ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته 13 مئي تائين معاملي جي ٻڌڻي ملتوي پڻ ڪئي وئي آهي

واضح رهي ته اڳوڻي وزير اعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ کان اڳ پي ٽي آءِ جا ميمبرز ڦري ويا هئا، جن جي اهليت بابت مامرو عدالت توڙي اليڪشن ڪميشن ۾ هلندڙ آهي

ھي به پڙھندا

پنجاب ۾ سياسي بحران، نواز شريف لنڊن ۾ هنگامي اجلاس سڏائي ورتو