ٽنڊو الھيار: ايس ٽي پي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي قتل ۾ نامزد مک جوابدار گرفتاري ڏئي ڇڏي

0
603

ٽنڊو الھيار (ن پ ا) ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل ۾ نامزد مک جوابدار اسلم رند بلوچستان جي هڪ سردار جي هٿان ٽنڊوالهيار پوليس کي گرفتاري ڏئي ڇڏي، گزريل 8 مهينا اڳ ٽنڊوالهيار جي ڪيريا شاخ ويجهو بائي پاس روڊ تي هٿيار بندن هٿان قتل ٿيندڙ الطاف جسڪاڻي جي مک جوبدار اسلم رند ٽنڊوالهيار پوليس کي گرفتاري ڏئي ڇڏي آھي، ذريعن کان اهو به معلوم ٿيو آهي ته سي آئي اي ڊي ايس پي اسلم لانگاھ کي بلوچستان جي هڪ سردار جي هٿان اسلم رند گرفتاري ڏني آهي، ذريعن کان اهو به معلوم ٿيو آهي ته 3 ڏينهن اڳ ٽنڊوالهيار جي ايس ايس پي رخسار خاوڙ ۽ ٽنڊوالهيار جي ڊي ايس پي سي آئي اي ايس ٽي پي جي چئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي کي به ٻڌايو هو ته 3 ڏينهن ۾ جوبدار کي گرفتار ڪيو ويندو، جڏهن ته اهو به واضع رهي ته ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي قتل ۾ مک جوابدار اسلم رند کي اسلم لانگاھ جي پٺ پناهي بابت مختلف الزام ايس ٽي پي ٽنڊوالهيار جي ورڪرن طرفان بار بار لڳندا رهيا آهن، ان ڏس ۾ رابطي ڪرڻ جي ڪو شش تي سي آئي اي ڊي ايس پي اسلم لانگاھ فون اٽينڊ نه ڪيو..