ٺل (ن پ ا) ٺل ويجهو بولو ڪلر واري علائقي ۾ هٿياربند موٽر سائيڪل ڦر جي ڪوشش ڪئي مزاحمت تي گوليون هڻي بلوچستان واسي نوجوان نثار احمد گاجاڻي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نوجوان کي ٺل جي تعلقا اسپتال منتقل ڪيو ويو، باهوکوسو توڙي آر ڊي 44 ٿاڻي جي پوليس حدبندي جو تڪرار ڄاڻائي ڪابه ڪاروائي نه ڪئي آهي. رابطو ڪرڻ تي باهوکوسو پوليس ٻڌايو ته ڦر جو واقعو اسان جي حد ۾ نه پر آرڊي 44 ٿاڻي جي حد ۾ ٿيو آهي ٻئي طرف آر ڊي 44 ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته موٽر سائيڪل ڦر جو واقعو باهوکوسو ٿاڻي جي حد ۾ ٿيو آهي باهوکوسو پوليس هروڀرو اسان جي حد ۾ ڦر ڄاڻائي ٿي پوليس جي اهڙي حدبندي جي تڪرار سبب واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي