يونان حادثو: 300پاڪستانين کي ڄاڻي واڻي نه بچايو ويو: يونان ۾ مظاهرا ۽ پاڪستان ۾ رڳو سوڳ

0
546

يونان جي سمنڊ ۾ 3 سئو پاڪستانين سميت ٻڏي ويل ٻيڙيءَ کي ڄاڻي واڻي نه بچايو ويو، سانحي ۾ بچي ويل مسافرن جا لونءَ ڪانڊاريندڙ انڪشاف ٿيا آهن

يوناني سرڪار جي ظالماڻي اميگريشن پاليسي خلاف ايٿنز سميت مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا آهن،جڏهن ته ٻيڙيءَ کي بچائڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪرڻ وارن الزامن جي شفاف جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

برطانوي خابرو اداري موجب ٻڏڻ کان 3 ڏينهن اڳ ٻيڙي جي انجڻ به خراب ٿي وئي هئي، ٻيڙي ٻڏڻ کان اڳ ئي پاڻي نه ملڻ سبب 6 ڄڻا فوت ٿي چڪا هئا

يوناني ڪوسٽ گارڊز جي جهاز پاران ڦاٿل ٻيڙيءَ جي مسافرن کي کاڌو ۽ پاڻي به ڏنو ويو، ٻيڙي ٻڏڻ تي مسافرن کي بچائڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪئي وئي

سانحي ۾ فوت ٿيل پاڪستانين جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي، نوجوانن کي روزگار جا ڏٽا ڏئي غير قانوني طور يورپ اماڻيندڙ مافيا خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي

ٻئي پاسي يوناني سمنڊ ۾ ٻيڙي ٻڏڻ واري سانحي ۾ 300 پاڪستانين جي فوت ٿيڻ تي سموري ملڪ ۾ سوڳ ملهايو پيو وڃي، قومي جهنڊو نوايو ويو

قومي اسيمبلي ۾ به واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو، وفاقي وزير خواجا آصف چيو ته ملڪي معيشت بهتر هجي ها ته پاڪستاني نوجوان روزگار لاءِ ٻاهر نه وڃن ها

 اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته غير قانوني طور پرڏيهه وڃڻ جي خطرن بابت جاڳرتا مهم هلائي وڃي، نوجوانن کي روزگار جا ڏٽا ڏئي ٻاهر اماڻيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي

هي به پڙهندا

وزيراعظم جي حڪم بعد انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع