اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف  چيو آهي ته وفاقي وزير ٻوڏ متاثرن جي خدمت نٿا ڪن، عوام ڪاوڙيل پر خاموش آهي، وقت اچڻ تي حساب وٺندو ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪم ڪندڙن کي شاباس به ڏيندو.  وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته موسمي تبديلي ۾ پاڪستان جو قصور نه هجڻ برابر آهي پر موسمي  تبديلي جي تباهي جو پاڪستان شڪار ٿيو، اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي دوري دوران دلين کي جنجهوڙي ڇڏڻ جهڙيون ڳالهيون ڪيون، ڪروڙين پاڪستانين جو ترجمان ٿيو، لاڙڪاڻي جي  دوري دوران اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل چيو ته رڳو ٻوڏ متاثرن سان همدردي ۽ يڪجهتي ڪافي ناهي، هن وقت عملي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان سان بي پناهه ناانصافي ٿي آهي ان جو ازالو ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم ڪابينا ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪابينا ميمبر پنهنجي ڪم سان گڏ ٻوڏ متاثرن لاءِ به ڪم ڪن، مون کي معلوم آهي ته ڪير فيلڊ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڪير نه ڪري رهيو آهي، اهو نه ٿو چوان ته وزير طور اهم ذميوارين کي ڇڏي ڏيو، پر اڄ ڊجيٽل ورلڊ جو زمانو آهي، توهان زوم ذريعي به ذميواريون نڀائي سگهو ٿا ۽ ڏکي انسانيت لاءِ به توهان کي پنهنجو فرض نڀائڻ گهرجي، جيڪي ڪابينا ميمبر وڌ ۾ وڌ ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪم ڪن ٿا انهن کي سلام پيش ڪيان ٿو جيڪي اڳتي نه وڌيا آهن انهن کي گذارش آهي ته ٻوڏ متاثرن وٽ وڃن، متاثر ان موقعي کي هميشه ياد رکندا ته ڪير انهن وٽ پهتو ۽ ڪير نه پهتو ۽ ڪير اسلام آباد جي ٿڌين آفيسن ۾ ويٺو رهيو، مان ان کان وڌيڪ نه ٿو چوڻ چاهيان، ٻن ٽن هفتن ۾ پاڻي انشاءَ الله لهي ويندو، ماڻهو هوريان هوريان پنهنجي گهرن ۾ آباد ٿي ويندا، سرندي وارا وزير، ڊاڪٽر، بيورڪريٽس سڀني کي معلوم آهي ته هن وقت ملڪ جي صورتحال ڇا آهي، ماڻهن کي معلوم آهي ته  ڪير هن صورتحال ۾ سياست ڪري رهيا آهن، عوام خاموش آهي ته ان جو اهو مطلب ناهي ته انهن جي ناراضگي ۽ ڏک کي هو بيان نه پيا ڪري سگهن،  وقت اچڻ تي ان عمل جو عوام حساب به وٺندي ۽ ڪم ڪندڙن کي شاباس به ڏيندو. هوڏانهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي عمران خان ۽ وزيراعظم شهباز شريف آمهون سامهون ٿي ويا، شهباز شريف عمران خان کي جواب ڏيندي چيو ته اسان جي حڪومت هن وقت ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ مصروف آهي اوهان جي الزامن ۽ غلط فهمين بابت ڪو به وقت ناهي، رهي ڳالهه چندي جي ته اميد آهي ته اوهان موجوده فنڊ سان گڏ 2010ع جي ٻوڏ متاثرن جي نالي تي ورتل چندي ۽ غيرقانوني فنڊنگ جي هڪ هڪ پائي جو حساب ضرور ڏيندا، جيئن مون ۽ منهنجي ساٿين ڏنو ۽ قانون آڏو ڪنڌ جهڪايو آهي، ٽيليٿون دوران ٽي وي چينلن جي نشريات بند ڪرڻ بابت جواب ڏيندي شهباز شريف چيو ته اهي سموريون پابنديون ۽ حربا اوهان جا آهن اسان جا ناهن، اسان صرف آئين ۽ قانون جي رستي تي هلندا آهيون.