وفاقي سرڪار نيب ترميمن کي رد ڪرڻ وارو فيصلو چئلينج ڪري ڇڏيو

0
147
پاڪستان ۾ موسمياتي تبديليءَ کان وڏو ٻيو ڪو خطرو نه آهي: سپريم ڪورٽ
پاڪستان ۾ موسمياتي تبديليءَ کان وڏو ٻيو ڪو خطرو نه آهي: سپريم ڪورٽ

نگران وفاقي سرڪار نيب قانون ۾ ڪيل ترميمن کي رد ڪرڻ وارو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

وفاقي سرڪار طرفان مخدوم علي خان فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي ڇڏي، جنهن ۾ وفاق، نيب ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڌر بڻايو ويو

اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نيب جي قانون ۾ ڪيل ترميمون بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي نه آهن، پارليامينٽ کي قانونسازي ڪرڻ جو اختيار آهي، نيب قانون ۾ ڪيل ترميمن کي بحال ڪيو وڃي

نگران وفاقي حڪومت درخواست ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا به ڪئي آهي

 اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي نيب آرڊيننس ۾ ڪيل ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو هو، اهڙي فيصلي بعد ترميمن سبب ختم ڪيل نيب جا سمورا ڪيس ٻيهر بحال ٿي ويا آهن