سيٺارجا لڳ شهيد ٿيل اي ايس آءِ جي سرڪاري اعزاز سان تدفين

0
158

سيٺارجا ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل اي ايس آءِ امير بخش سوڍڙو جي سرڪاري اعزاز سان تدفين ڪئي وئي آهي

درگاهه پير علي شير تي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، ايس ايس پي خيرپور سميع الله  سومرو، اي ايس پي گمبٽ ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيا

جنازي نماز ۾ شهباز رينجرز 93 ونگ جي ميجر عمار به شرڪت ڪئي،ايس ايس پي خيرپور جي اڳواڻي ۾ پوليس اهلڪارن پاران شهيد کي سلامي پيش ڪئي وئي

گذريل رات ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ ڄامڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران پوليس پهتي ته هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب اي ايس آءِ امير بخش سوڍڙو شهيد ٿي ويو، ايس ايس پي خيرپور جي سربراهي ۾ پوليس اٽالن جي ڳوٺ گل محمد ڄامڙو تي چڙهائي، 20 شڪي جوابدار گرفتار، پوليس جوابدارن جي گهرن کي باهيون ڏئي ڇڏيون

هن کي به پڙهندا

ڪُنب ڀرسان ٻن ڌُرين ۾ جهيڙي دوران سيٺارجا ٿاڻي جو اي ايس آءِ شهيد