وزير اعظم جو قوم سان خطاب: پيٽرول ۽ ڊيزل 10 رپيا ۽ بجلي 5 رپيا سستي ڪرڻ جو اعلان

0
300
وزير اعظم جو قوم سان خطاب
وزير اعظم جو قوم سان خطاب: پيٽرول ۽ ڊيزل 10 رپيا ۽ بجلي 5 رپيا سستي ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ في لٽر 10، 10 رپيا ۽ بجلي جي في يونٽ اگه ۾ 5 رپيا گهٽتائي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ تائين انهن اگهن ۾ ڪابه واڌ نه ڪئي ويندي. مشڪل حالتن ۾ به هر وقت اهو سوچيون ٿا ته عوام مٿان بار ڪيئن گهٽائجي

قوم سان خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته ساڍن ٽن سالن جي حڪومت ۾ هڪ مشڪل مان نڪري ٻي مشڪل ۾ ڦاسندا رهيا آهيون پر هاڻي شڪر آهي جو معيشت سڌي رستي تي اچي وئي آهي. عوام لاءِ مختلف منصوبن جو ذڪر ڪندي وزير اعظم چيو ته  احساس پروگرام تحت ماهوار وظيفو 12 مان وڌائي  14 هزار ڪيو ويو آهي

بي اي پاس بيروزگار نوجوانن کي 30 هزار رپيا ماهوار جي انٽرن شپ ڏيارينداسين. هن چيو ته شاگردن کي 26 لک رپين جي اسڪالرشپس ڏينداسين

جنهن لاءِ 38 ارب رپيا رکيا آهن. آءِ ٽي سيڪٽر لاءِ 100 سيڪڙو ٽيڪس ڇوٽ ۽ فارين ايڪسچينج 100 ۾ سيڪڙو رڪاوٽون ختم ڪيون ويون آهن. وزيراعظم چيو ته صنعتي پاليسي جو سڀاڻي اعلان ڪندس،  جيڪو صنعت لڳائيندو تنهن کان ڪو سوال نه پڇيو ويندو، بيمار صنعتن لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ڏينداسين. جيڪي پرڏيهي پاڪستاني، پاڪستان جي صنعتن ۾ سيڙپڪاري ڪندا

5 سالن تائين ٽيڪس نه ڏيندا. هن چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت بنا وياج جي بيروزگارن ۽ هارين کي قرض ڏنا ويندا ۽ گهر ٺاهڻ لاءِ سستا قرض ڏنا ويندا. هيل تائين گهر ٺاهڻ لاءِ بينڪون ڏيڍ سو ارب رپين جا قرض منظور ڪري چڪيون آهن ۽ 50 ارب رپيا ڏئي چڪيون آهن. هن چيو ته صحت ڪارڊ پاڪستاني تاريخ جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي جنهن تحت هر گهراڻي کي 10 لک رپين جي هيلٿ انشورنس ڏني ويندي.