پيڪا قانون تي اعتراض اجايا، فيڪ نيوز جو خاتمو ايندو: وزيراعظم

0
224
پيڪا قانون تي اعتراض اجايا
پيڪا قانون تي اعتراض اجايا، فيڪ نيوز جو خاتمو ايندو: وزيراعظم

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان قوم سان خطاب ۾ تڪراري پيڪا قانون بابت ڳالهائيندي چيو ته پيڪا جي قانون بابت تاثر آهي ته آزادي صحافت تي پابندي لڳائي پئي وڃي

پيڪا قانون 2016 ۾ ٺهيو، اسان رڳو ترميم پيا ڪيون. هن چيو ته جنهن سربراه ڪرپشن نه ڪئي هجي، ان کي آزاد صحافت سان ڪو مسئلو ناهي، اڄ به 70 سيڪڙو خبرون اسان جي خلاف آهن پر پيڪا قانون ان ڪري آندوسين ته سوشل ميڊيا ۾ اهڙو گند پيو اچي

چائلڊ پورنوگرافي کان ويندي عورتن جي عزتن سان کيڏڻ تائين ايئن ڪنهن به مهذب معاشري ۾ نٿو ٿئي. وزير اعظم چيو ته 94 هزار ڪيس ايف آءِ اي وٽ پيل آهن، فيڪ نيوز سبب گهر برباد پيا ٿين، پر 38 ڪيسن جو فيصلو ٿيو آهي

هن چيو ته هڪ صحافي لکيو ته عمران خان جي زال گهر ڇڏي وئي. هو بني گالا ۾ غير قانوني ڪم ڪري پيو، مون ڪيس ڪيو پر اڃان تائين انصاف نه مليو

جڏهن ملڪ جي وزيراعظم سان ايئن ٿي سگهي ٿو ته ٻين سان ڇا ٿيندو هوندو. اسان جي وزير خلاف ڪنهن لکيو ته هن لنڊن ۾ ڪيس ڪيو اتي کيس انصاف مليو

هاڻ مراد سعيد به ڪيس ڪيو آهي. ايئن ته دنيا ۾ ڪٿي نٿو ٿئي، مافيا ويهي بليڪ ميل ٿا ڪن، صحافي پيسا وٺي گند اڇلائين ٿا. هن قانون سان سچا صحافي خوش ٿيندا ته فيڪ نيوز جو خاتمو ايندو.