جيڪب آباد (رپورٽر) نيب حملو ڪيس، 4 جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 7 آگسٽ تائين ملتوي. خبر موجب نيب حملي ڪيس ۾ عبوري ضمانت تي آزاد ٿيل جھانگير کوسو ۽ خادم ڀٽو جي پڪي ضمانت واري درخواست تي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج غلام علي ڪناسرو جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته جوابدارن جي وڪيل پڪي ضمانت لاءِ دليل پيش ڪيا، عدالت ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 7 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.