نوجوان ڪرڪيٽرن شاندار شاندار ڪارڪردگي جاري رکي ته نمبر ون ٽيم بڻجي وينداسين: بابر اعظم

0
365

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) حسن علي ۽ فواد عالم جي بهترين راند تي ڪپتان بابر اعظم  خوشي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. زمبابوي جي خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ اننگز جي فتح کان پوءِ ڪپتان بابر اعظم چيو ته پهرين سيشن ۾ بالرز سٺي بالنگ ڪئي. پهرين اننگز ۾ زمبابوي کي جلد آئوٽ ڪرڻ سٺو ثابت ٿيو،حسن علي  بهترين بالنگ ڪئي. فواد عالم غير معمولي پرفارمنس سان سٺو اختتام ڪيو. هاڻ اسان ڪجهه ڏينهن آرام کان پوءِ پچ ڏسي ايندڙ ميچ جي لاءِ  رانديگر چونڊ ڪنداسين. بابر اعظم چيو ته نوجوان ڪرڪيٽرن شاندار شاندار ڪارڪردگي جاري رکي ته نمبر ون ٽيم بڻجي وينداسين.