نشي جي حالت ۾ ورتل گھوٽ اسٽيج تي ئي ڪري پيو

WATCH: Drunk groom falls on the stage during wedding ceremony

0
488
WATCH: Drunk groom falls on the stage during wedding ceremony
WATCH: Drunk groom falls on the stage during wedding ceremony

نشي جي عادت چڱن ڀلن کي حقيقت کان بيگانو ڪري ڇڏيندي آھي ۽ يقين نٿو اچي تھ نظر ايندڙ وڊيو ڏسي وٺو. بھار جي ميڊيا طرفان ويجھڙ ۾ ڀارت ۾ ٿيندڙ شادي جي ھڪ دلچسپ ويڊيو شيئر ڪئي وئي آھي. ويڊيو کي انسٽاگرام تي ”ٿوڙي زيادھ پي لي يار“ جي ڪيپشن سان گڏ وڌو ويو آھي. ويڊيو گھوٽ جي ڪنوار کي ھار پارائڻ وقت جي آھي جنھن ۾ نشي جي حالت ۾ جھومندڙ گھوٽ ھار پنھنجي ڪنوار بجاءِ سس جي ڳچيءَ ۾ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي. تڪڙ ڪرڻ وقت گھوٽ سان گڏ بيٺل ھمراھھ انھيءَ کي پڪڙي وٺي ٿو ۽ انھيءَ دوران گھوٽ ٿورڙو ھوش ۾ ايندي ڪنوار کي ھار پارائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر نشي جي حالت ۾ اھو ھار پارائڻ ۾ ناڪام ٿي اسٽيج تي ڪري پوي ٿو. گھوٽ ٻيھر بھ ڪوشش ۾ ناڪام ٿيندي اسٽيج تي ڪري پوي ٿو.