مگرمڇ جي ڳچيءَ ۾ ڦاٿل ٽائر 6 سالن بعد ڪڍيو ويو

0
371
مگرمڇ جي ڳچيءَ

جڪارتا (دلچسپ نيوز) انڊونيشيا ۾ هڪ مگرمڇ کي 5 سالن کانپوءِ ڳچيءَ ۾ ڦاٿل ٽائر مان آزادي ملي وئي. انڊونيشيا ۾ 6 سالن کان ڳچيءَ ۾ موٽرسائيڪل جو ٽائر کڻي ترندڙ مگرمڇ کي آخرڪار ٽائر مان آزادي ملي وئي. انڊونيشيا جي ٻيٽ سيلاوسي ۾ 13 فوٽ کان ڊگهي مگرمڇ جي ڳچيءَ ۾ 6 سال اڳ هڪ ٽائر ڦاٿو هو

جانورن بابت تنظيمن ۽ مقامي ماڻهن ڪيترائي ڀيرا مگرمڇ جي ڳچيءَ مان ٽائر ڪڍڻ جون ڪوششون ڪيون پر ناڪام رهيا. مقامي ماڻهن ۾ ”هارولا مگرمڇ“ جي نالي سان مشهور مگرمڇ جي ڳچي مان ٽائر ڪڍڻ لاءِ انتظاميا انعام جو به اعلان ڪيو هو پر ڪوبه ٽائر نه ڪڍي سگهيو. بهرحال ڄار کان بچي ويندڙ مگرمڇ آخرڪار ڄار ۾ ڦاسي پيو جنهن جي ڳچيءَ مان ٽائر ڪڍي هن کي واپس درياءَ ۾ ڇڏيو ويو.