ڀارتي اداڪارائن پاران به مسڪان سان پيش ايندڙ واقعي جي مذمت

0
275
ڀارتي اداڪارائن

ممبئي (شوبز نيوز) هندو انتهاپسندن جي جٿي جو ڄمي مقابلو ڪندڙ ڀارتي مسلمان شاگردياڻي کي سوشل ميڊيا واهپيدارن جتي شينهڻ قرار ڏنو، اتي ئي شاگردياڻي جي حق ۾ مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ شخصيتون به آواز اٿاري رهيون آهن، جن ۾ بالي ووڊ اداڪارائون به شامل آهن

 اداڪارا پوجا ڀٽ ٽوئيٽر تي لکيو ته هميشه جيان مردن جي هڪ گروهه عورت کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي. هن واقعي کي انسانيت لاءِ خوفزده قرار ڏنو ۽ چيو ته اهڙي ڪوشش پنهنجي ڪمزوري کي ظلم ذريعي لڪائڻ جي برابر آهي. ٻئي پاسي اداڪارا سوارا ڀاسڪر به واقعي کي ڀارت لاءِ شرمناڪ قرار ڏنو