مڪاني چونڊ: ڪراچي ۾ سرگرميون شروع

0
244
سنڌ ۾ سرڪاري زمينن تي قبضو ڪندڙ لينڊ گريبرن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو
سنڌ ۾ سرڪاري زمينن تي قبضو ڪندڙ لينڊ گريبرن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

ڪراچي: ڪراچي ڊويزن ۾ 23 آڪٽوبر تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ واري باضابطا فيصلي کانپوءِ سياسي پارٽيز سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن

سنڌ ۾ برسات جي تباهڪارين سبب ملتوي ٿيل مڪاني چونڊن بابت اميدوار ٻڏتر جو شڪار هئا، پر اليڪشن ڪميشن جي وضاحت کانپوءِ اميدوارن ۾ سرهائي آهي

اليڪشن ڪميشن جي ڪالهوڪي فيصلي کانپوءِ ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي، تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم پاڪستان، نواز ليگ، فنڪشنل ليگ، جي يو آءِ، آزاد پينلز جي اميدوارن سرگرميون شروع ڪيون آهن

واضح رهي ته 23 آڪٽوبر تي ڪراچي ڊويزن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ ٿيندي، صوبائي حڪومت ۽ ٻين ادارن کي انتظام مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

ھي به پڙھندا

مڪاني چونڊون جلد ڪرائڻ لاءِ گوڙ سمجهه کان ٻاهر آهي: سعيد غني