مڪاني چونڊن جي ضابطه اخلاق جي مبينا ڀڃڪڙي، اسد قيصر ذاتي حيثيت ۾ طلب

0
259
عدم اعتماد اپوزيشن

ڪراچي(م ڊ) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر طرفان مڪاني چونڊن جي ضابطه اخلاق جي مبينا ڀڃڪڙي جو نوٽيس وٺندي کيس ذاتي طور تي طلب ڪري ورتو

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ آڊيو ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر مبينا طور تي ووٽرن کي ترقياتي منصوبن جو لالچ ڏئي رهيو آهي

ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر سردار مظهر حسين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي سڀاڻي 11:30 وڳي پيش ٿيڻ نوٽيس موڪليو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته توهان جي آڊيو گردش ڪري رهيو آهي جنهن ۾ توهان ووٽرن کي ترقياتي منصوبا ڏيڻ جا واعدا ڪري رهيا آهيو، اوهان پارٽي اميدوارن کي چئي رهيا آهيو ته ملٽي ملين منصوبن جا ٽينڈر جلد جاري ڪيا ويندا

اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي بابت ضلعي اليڪشن ڪمشنر صوابي جي آفيس ۾ پاڻ اچي وضاحت ڏيو

اليڪشن ڪميشن پيمرا چيئرمين کي به خط اماڻيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جو آڊيو چئنلز تي گردش ڪري رهيو آهي جيڪو قانون جي تحت ڪرپٽ عمل ۽ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي آهي، پيمرا اسد قيصر جي آڊيو فارنزڪ ڪرائي ۽ 15 ڊسمبر تائين معاملي جي ڄاڻ فراهم ڪري

ھي به پڙھندا

وڊيو ۾ ڪو وزير نظر نھ آيو، جيڪي ماڻھو نظر آيا انھن خلاف ايڪشن ورتو: اسد قيصر