ملڪ ۾ سنگين لاقانونيت وارا تازا عمل

0
132
ملڪ ۾ سنگين لاقانونيت وارا تازا عمل

 پاڪستان جي هڪ مشهور فلم جو ڊائيلاگ آهي ته، “جب پال نهين سڪتي، تو پيدا ڪيون ڪرتي هو؟” هي سوال رڳو ان پس منظر ۾ ناهي ته جڏهن اولاد کي پالي نه ٿا سگهو ته ڄڻيو ڇو ٿا؟ هن سوال جون ٻيون ڪيتريون ئي معنائون ۽ مطلب آهن. مثال طور هي سوال اسان جي ملڪي پارليامينٽ جي جوڙيل قانونن لاءِ منڊي تي ٽڪ وانگر آهي. اسان جا پارليامينٽ جا ميمبر صاحبان جيڪي قانون ٺاهن ٿا، انهن تي نه پاڻ ۽ نه ايندڙ چونڊيل ۽ نگران حڪومتون، عدالتون ۽ نه ئي ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادار عمل ڪن ٿا، ته پوءِ ملڪ جو هڪ سوچيندڙ ماڻهو اهو سوال ضرور ڪري ٿو ته جيڪڏهن قانونن تي عمل نٿا ڪريو ته پوءِ اهڙا قانون ڇو ٿا ٺاهيو ۽ ڪنهن جي لاءِ ٿا ٺاهيو؟ انتظامي ادارن، عدالتن، ٿاڻن سميت هر اداري ۾ پنهنجي جائز ڪمن لاءِ ادارن جي درن جا ڌڪا ۽ ٿاٻا کائيندڙ عام ماڻهو جا سور، پيڙا ۽ درد ڪٿا ته ٿي پنهنجي جاءِ تي، پر ڪنهن هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي ذميوار وڪيل کان رڳو ڪورٽ سڳورين جي صورتحال معلوم ڪبي ته ان کان دانهن نڪريو وڃي ته ادا قانون تي عمل نٿو ٿئي.

ملڪ ۾ مارشل لائون مڙهيندڙ ڊڪٽيٽر ۽ سندن ساٿاري قانون کي بار بار ڦاڙي پرزا پرزا ڪري ان کي ردي جي ٽوڪري جي حوالي ڪندا رهيا آهن، پر چونڊيل ۽ نگران حڪمرانن توڙي ڪورٽن سڳورين به پنهنجي وسان ڪين گهٽايو آهي. اها هڪ ڊگهي تاريخ آهي، پاڻ رڳو ڪجهه تازين سنگين لاقانونيت وارن عملن جو مختصر ذڪر ڪنداسين. پي ٽي آئي جي حڪومت دوران سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جيڪي قانون جون ڌڄيون اڏايون آهن، اهي به تاريخ جا ڪارا باب آهن. عمر عطا بنديال عمران خان جي هر جائز ۽ ناجائز قدمن جي ڀرپور آجيان ڪئي. انساني حقن جي نالي ۾ عدالتي چئمبر ۾ ويهي پنهنجي آقائن کي فائدا ڏيڻ وارا فيصلا ڪيا. پي ٽي آئي جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ نگران حڪومتون آيون، قانون موجب ٻنهي صوبن ۾ 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ڪرائڻ ضروري هئي، پر اها اليڪشن 90 ڏينهن ۾ نه ٿي ۽ ٻنهي صوبن ۾ اڄ ڏينهن تائين نگران حڪومتون قائم آهن. مجال آهي جو اسان جي ملڪ جي اعلى عدالت قانون جي ڀڃڪري ڪندڙ ملڪ ۾ اليڪشن ڪرائيندڙ ڪنهن هڪ به اداري کي سزا ڏيڻ ته وڏي ڳالهه آهي، پر رڳو ڪو پڇاڻو ڪري.

ميان نواز شريف کي وري تيار ڪري ميدان ۾ لاٿو ويو آهي. مٿس جيڪي به ڏوهه ثابت ٿيل هئا ۽ سزائون آيل هيون اهي سموريون معاف ڪيون ويون آهن. اکيون ۽ نڪ بند ڪري گنگا مان ٽٻي هڻائي کيس پاڪ ۽ پويتر ڪيو ويو آهي.

 سندس سمورا ڏوهه ۽ گناهه ڌوئي صاف ڪيا ويا آهن. کيس وڏي ڌام ڌوم سان اليڪٽيبلز گڏ ڪري ڏنا پيا وڃن. پيپلز پارٽي، نواز ليگ توڙي پي ٽي آئي ۽ ٻين اقتداري پارلياماني پارٽين جو اهو پڪو يقين آهي ته عام ماڻهو وٽ ووٽ وٺڻ لاءِ نه وڃبو، کين خبر آهي ته اقتدار عام عوام جو ووٽ نه ڏياريندو. جڏهن عمران خان کي وزير اعظم بنايو پئي ويو ته جهانگير ترين جي معرفت اليڪٽيبلز جا جهاز ڀري عمران صاحب جي درٻار ۾ حاضر ڪيا ويا ۽ ائين مسٽر عمران خان کي ملڪ جو وزير اعظم بڻايو ويو.

 سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي ميان نواز شريف جي جهولي ۾ وڌا ويا آهن. بلوچستان ۾ راڄ ماڻهن جا کيس ٻڌي جي اگهه وانگر ڏنا ويا آهن. باپ وارن باپ جي اڳواڻ بلوچستان جي اڳوڻي وزير اعلى ڄام ڪمال سميت 30 کان وڌيڪ بي اي پي، بي اين پي مينگل، نيشنل پارٽي، پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ جا اڳوڻا پارليامينٽ ميمبر ن ليگ ۾ شامل ڪرايا آهن. مير سيلم کوسا، نور محمد دمڙ، ربابه بليدي، بلوچستان عوامي پارٽي جو سردار عبدالرحمان کيتران، محمد خان لهڙي، سردار مسعود درياني، شعيب نوشيرواني، عاصم ڪرد، رامين محمد حسني، نيشنل پارٽي جو مجيب محمد حسني، اڳوڻو سينيٽر ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار، بي اين پي جي اڳوڻي ايم اين اي زينت شاهواني، پي ٽي آءِ جو خان محمد جمالي، سردار عاطف سنجراڻي، پيپلزپارٽي جو سردار فتح محمد، سعيد الحسن مندوخيل، فائق جمالي شامل آهن. حاصل مطلب هي آهي ته جنهن نموني رياست ميان نواز شريف کي پروٽوڪول ڏنو آهي، ان مان چٽو ظاهر ٿئي پيو ته ملڪ جو ايندڙ وزير اعظم ميان نواز شريف آهي.

جڏهن 2024ع جي عام اليڪشن جا نتيجا اچڻ کان اڳ ميان نواز شريف کي ڄڻ ته ملڪ جو وزير اعظم ڊڪليئر ڪيو ويو آهي، جنهن جون اڳواٽ مبارڪون نواز ليگ جو اڳواڻ خواجا سعد رفيق ميڊيا معرفت ڏي پيو ته پوءِ پهريون سوال آهي ته ملڪ ۾ اليڪشن ڪرائڻ وارو قانون ڇو ٺاهيو ويو ۽ اليڪشن ڪميشن جهڙو ادارو ڇو قائم آهي؟ ان کي ختم ڪيو وڃي. عوام جي ٽيڪس جا ڪروڙين رپيا خرچ ڪري نالي ماتر دنيا کي ڏيکارڻ خاطر اليڪشن ڪرائڻ جو ڍونگ رچائڻ اجايو آهي. عمران خان کي وزير اعظم ڪرائڻ واري معاملي ۾ به مڪمل طور تي ائين ڪيو ويو ۽ ان کان اڳ ٿيندڙ اليڪشنن جو سمورو عمل يرغمال بڻائي ملڪ مٿان هٿ ٺوڪيا حڪمران مڙهيا ويا آهن ۽ هاڻي به ميان نواز شريف واري معاملي ۾ چري جئين پوءِ تئين ويران وير وڌ واري ڪار آهي.

پنهنجي مرضي جي وزير اعظم کان وٺي پارليامينٽ جا ميمبر، اعلى عدالتن جا جج ۽ بيورو ڪريٽ مقرر ڪرڻ، مرضي وارا ڪارا قانون ٺهرائڻ اسٽيبلشمينٽ جو محبوب مشغلو رهندو پيو اچي. اهو سڀ ڪجهه ڏنڊي جي زور تي ڪرڻ ته هڪ وقت تائين ڦٻي ويندو، پر ان جا نتيجا انتهائي ڀيانڪ نڪرندا. هي جديد ميڊيا ۽ سجاڳي وارو دور آهي. هڪ اڻ پڙهيل ماڻهو ڪجهه نه ڪجهه سوشل ميڊيا کان واقف آهي. ڪروڙين ماڻهن جي نڙي تي ننهن ڏيئي ۽ اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي انهن جي زبانن کي خاموش نٿو ڪري سگهجي ۽ نه کي انهن کان وڏي وقت تائين ووٽ جو حق کسي سگهجي ٿو. اليڪشن ڪرائڻ واري قانون کي وڏي وقت تائين زنجيرون وجهي قيد ڪري پنهنجا مرضي جا نتيجا حاصل ڪرڻ واريون اٽڪل بازيون گهڻي وقت تائين نٿيون هلي سگهن. ڪوڙيون اليڪشنون ڪرائڻ واري ڍونگ جو انت اچڻ گهرجي. صاف شفاق اليڪشن ڪرائڻ گهرجي. بحرانن مان تڏهن ئي نڪري سگهجي ٿو. جڏهن عام ماڻهو جي ووٽ جو تقدس بحال ٿيندو ۽ هو پنهنجي چونڊيل نمائندن سان جڙيل رهندو.

[email protected]