ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ  پاران سنڌ ۾ رليف ڪيمپون لڳائي متاثرن جي سهائتا جي هدايت، ان ڏس ۾ تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر جي صدارت هيٺ سنڌ جي پارٽي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي، سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل، سينيئر اڳواڻن  لياقت علي جتوئي، غوث علي شاھ، ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، مبين جتوئي، طاھر شاھ، ڊاڪٽر سنجي گنگواڻي، صدره عمران، آغا ارسلان  ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ برسات کانپوءِ سنڌ  جي صورتحال ۽ سياسي معاملن بابت پارٽي اڳواڻن  پاران بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻن پاران برسات سبب ٿيل تباھي تي ڳڻتي ۽ افسوس جو اظھار ڪيو ويو ، ان حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو تھ سنڌ جي صورتحال ڏسي افسوس ٿي رھيو آھي، هتي  ماڻھو بي يارومددگار آھن، پارٽي چيئرمين عمران خان ھدايت ڪئي آھي تھ متاثر ٿيلن جي ھر ممڪن مدد يقيني بڻائي وڃي، آئون سنڌ جي پارٽي عھديدارن ۽ ڪارڪنن کي ھدايت ٿو ڪريان تھ اهي پنھنجي علائقن ۾ متاثر ٿيلن جي مدد ڪن ، انھن کي ٽينٽ راشن سميت ٻيو ضروري سامان فراھم ڪن ، اسان ھن مشڪل جي گھڙي ۾ سنڌ واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، هن چيو ته  ڪراچي جي  ھر ضلعي ۾ امدادي ڪيمپون قائم ڪيون وڃن.