مائره کي لنڊن مان گهرائي قتل ڪيو ويو: والد جو الزام

0
190
ڪراچي: اورنگي ٽائون

لاهور ۾ قتل ڪيل ناري مائره جي والد جو چوڻ آهي ته سندس ڌيءَ کي لنڊن مان گهرائي قتل ڪيو ويو، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ذوالفقار علي جو چوڻ هو ته مائره کي دوکي سان لنڊن مان گهرايو ويو، هن ايل ايل ايم ڪيو هو ۽ هو پاڪستان لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهي پئي، هن چيو آهي ته رياست مدينه سان پيار ڪرڻ وارو وزيراعظم عمران خان اسان کي انصاف ڏياري، واضح رهي ته لاهور ۾ برطانيه مان آيل ناري جو لاش هڪ گهر جي ڪمري مان بر آمد ڪيو ويو هو، قتل جي الزام ۾ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو جيڪي ضمانت تي آهن.