لاڙڪاڻي ۾ ٽريفڪ اھلڪارن رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي، شهرين جون دانهون

0
190
لاڙڪاڻي ۾ ٽريفڪ اھلڪارن

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ٽريفڪ اھلڪار رشوت لاءِ شھرين کي تنگ ڪرڻ لڳا، شهرين جي دانهن واري وڊيو وائرل ٿي ويون

زون ون جا ٽريفڪ اھلڪار ڪاغذ ھجڻ باوجود رشوت گھري ته شھري وڊيو رڪارڊ ڪري وائرل ڪري ڇڏي،وائرل وڊيو ۾ ٽريفڪ اھلڪار بيٺل نظر اچن ٿا ۽ وڊو رڪارڊ ٿيڻ تي پنهنجا منهن لڪائي رھيا آهن

شھري چوي ٿو ته فوتگي ٿي آهي اوڏانهن وڃون پيا پيرشير روڊ تي ٽريفڪ اھلڪار بيھاري رشوت گھرن ٿا، وائرل وڊيو ۾ شھرين جون دانھون آهن ته موٽرسائيڪل جا ڪاغذ ھجڻ باوجود ٽرفڪ اھلڪار ھر ھڪ گاڏي واري کان رشوت گھرن ٿا

شھر ۾ ٽريفڪ جو بدترين نظام آهي اتي ڪو اھلڪار مقرر ناھي، اھلڪارن کان پڇون ٿا ته چون ٿا ٽريفڪ سارجنٽ امداد شيخ ھن روڊ تي موڪليو آهي ۽ ان کي حصو پتي ڏيندا آهيون