پرڏيهي فنڊنگ ڪيس: فيصلو 30 ڏينهن ۾ ٻڌائڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار

0
238
تحريڪ انصاف کي جلسي جي اجازت

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو 30 ڏينهن ۾ ٻڌائڻ واري سنگل بينچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي

پي ٽي آءِ جسٽس محسن اختر ڪياني جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو 30 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻ جي حڪم خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي هئي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ پي ٽي آءِ جي ممنوع پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي مبينا تعصب خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي

درخواست ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ خلاف ڪارروائي ۾ غير جانبداري جو مظاهرو ڪري رهي آهي، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي اڪائونٽس وانگر 17 سياسي پارٽين جي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن جي رويي کان پي ٽي آءِ متاثر پارٽي آهي

پي ٽي آءِ جي درخواست ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن کي 17 سياسي پارٽين جي اڪائونٽس جي جاچ جو حڪم ڏنو وڃي، اسٽيٽ بينڪ سمورن سياسي پارٽين جي اڪائونٽس جي جاچ ڪري، درخواستگذار جي وڪيل شاهه خاور ايڊووڪيٽ چيو ته پي ٽي آءِ ڪجهه اڪائونٽس جي جاچ کي منهن ڏئي رهي آهي، فرخ حبيب ن ليگ ۽ پ پ خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪئي آهي

شاهه خاور ايڊووڪيٽ چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ سندس ڪيس سستي جو شڪار آهي، پي ٽي آءِ کي ٻين پارٽين کان کان ڌار ڪري اسان جي ڪيس کي هاءِ لائٽ ڪيو پيو وڃي، عدالت چيو ته توهان اهو سوال انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ نه اٿاريو ؟ اها اپيل به اڄ ٻڌڻي هيٺ آهي، ڊويزن بينچ انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي ۽ اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  پي ٽي آءِ پاران اليڪشن ڪميشن خلاف داخل ڪيل انٽرا ڪورٽ درخواست تي ٻڌڻي اڄ ائي انٽرا ڪورٽ اپيل سان گڏ ڪئي

وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس بابر ستار تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ جسٽس محسن اختر ڪياني جو فيصلو معطل ڪندي اليڪشن ڪميشن ۽ 17 سياسي پارٽين کي نوٽيس جاري ڪندي 17 مئي تائين جواب طلب ڪري ورتو

ھي به پڙھندا

شهباز شريف ملڪ ۾ بدترين لوڊشيڊنگ جو ذميوار به پي ٽي آءِ کي قرار ڏئي ڇڏيو