فيض گنج/ڪرونڊي (نمائندن وٽان) فيض گنج لڳ ڀاءُ فائرنگ ڪري نوجوان ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار گرفتار، ناري ڪجهه وقت اڳ نوجوان سان گهران نڪري وئي هئي، جنهن تان ڀاءُ پاران قتل ڪرڻ جا چوٻول

رپورٽ موجب ڳوٺ رانجهو مشوري ۾ جوابدار سجاد مشوري پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي ڀيڻ 18سالا جنساران خاتون کي قتل ڪري ڇڏيو

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي فيض گنج جي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو

پوليس بروقت ڪارروائي ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري پسٽل هٿ ڪيو، هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته ڪجھه ڏينهن اڳ ناري پنهنجي برادري جي نوجوان سليم پٽ عبدالغفور مشوري سان گهران نڪري وئي هئي

جنهن کي راڄوڻي ذريعي واپس ڪرايو ويو هو، جنهن تان سندس ڀاءُ ڪارنهن الزام مڙه قتل ڪيو، ذريعن موجب ڀيڻ ڀاءُ کي قتل ڪرڻ کان اڳ پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏنا کيس نه ماريو وڃي پر جوابدار سندس هڪ به نه ٻڌي ۽ فائر ڪري قتل ڪيو

ناري جنساران جي پيءُ شاهنواز مشوري اسپتال ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڌيءُ جو ذهني توازن ٺيڪ نه هو، گهر ۾ اڪثر جهيڙو ڪندي رهندي هئي، جنهن تان ڀاءُ ناراض ٿي ڀيڻ کي قتل ڪيو

پوليس ٻڌايو ته اطلاع آهن ته ناري سليم نالي نوجوان سان گهران نڪري وئي هئي، جنهن کي بااثرن راڄوڻي طريقي سان واپس ڪرايو هو، جاچ هلندڙ آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو