عمرڪوٽ جو امن تباهه، پوليس ڀتاخوري ڪري رهي آهي: لال مالھي

0
332

عمرڪوٽ (ن پ ا) پي ٽي آءِ ايم اين اي لال مالهي چيو آهي ته عمرڪوٽ جو امن تباھ ۽ پوليس ڀتاخوري ۾ ملوث آھي، پوليس جي نگراني ۾ منشيات فروشي ھلي، ٿي 3 کان چار ڪروڙ روپيا مھيني ۾ وصول ڪيو وڃي ٿو.

پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته چرس کي چاڪليٽ ۽ شراب کي ماکي ٺاھڻ جو عمل عمرڪوٽ ۾ به جاري آھي، ھيرالال ۽ اشوڪ مالھي جا قاتل اڃان تائين گرفتار نه ٿيا، پوليس انھن جي معصوم پٽ تي تشدد ڪيو آهي.

لال مالھي چيو ته عمرڪوٽ پوليس بازار حسن مان به ڀتو وٺي ٿي، ناجائز حددخليون ھٽائڻ جي آڙ ۾ واپارين تي تشدد ۽ شھر ۾ ڀڃ ڊاھ خلاف سڀاڻي شٽربند ھڙتال ڪئي ويندي، هتي حددخلين خلاف آپريشن جي آڙ ۾ سياسي انتقام شروع ڪيو ويو آھي.

هن چيو آهي ته معصوم پرڪاش مالھي تي تشدد ڪيو ويو جيڪو مقتول ھيرا لال جو پٽ آھي، ميونسپل انتظاميه،ڪامورن ۽ پوليس ونگاري ٿي شريف شھرين ۽ واپارين کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ تذليل ڪئي.