سکر: ٽائيم نيوز جي رپورٽ تي بھادر نياڻي ريما جي مدد جو سلسلو جاري

0
351

سکر(ن پ ا) والدين جو سھارو بڻيل بھادر نياڻي ريما جو ٽائيم نيوز جي رپورٽ تي نياڻيءَ جي مدد وارو سلسلو جاري آهي.

پاڪستان بيت المال طرفان 60 هزار روپين جو چيڪ نينگري جي والد منير حوالي ڪيو ويو، هن کان اڳ بيت المال طرفان مفت تعليم ڏيڻ واري اعلان تي به عمل ٿي ويو آهي.

اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پاڪستان بيت المال سکر شبير احمد ميمڻ جو چوڻ آهي ته سوسائٽيءَ ۾ پاڪستان بيت المال جي اسڪول ۾ نينگري ريما ۽ سندس ڀيڻ داخلا ڪرائي ۽ ڪلاسز شروع ٿي ويا.

هن چيو آهي ته نينگريءَ ريما جي تعليم، يونيفارم کان وٺي تعليم تي ايندڙ سمورو خرچ بيت المال برداشت ڪندي، نينگري تعليم سان گڏ ماھوار وظيفو به پاڪستان بيت المال طرفان ڏنو ويندو.