سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران 5 سيپٽمبر تي نوابشاهه ۾ جلسي جو اعلان

0
233
سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران

حيدرآباد: سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ڊاڪٽر قادر مگسي، رياض چانڊيو ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته نوابشاهه ۾ 5 سيپٽمبر تي جلسو ڪيو ويندو، ڪنهن کي روڪڻو آهي ته روڪي ڏيکاري. هنن چيو ته سنڌين کي پنهنجي ڌرتي ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته نوابشاهه ۾ اسان جي احتجاج واري ڏينهن غنڊن افراتفري مچائي دوڙ پوليس اسان جي 100 ڪارڪنن مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو. هن چيو ته پوليس آفيسر پنهنجو رويو درست ڪن، اسان جي ڪارڪنن کي آزاد ڪري ڪوڙا ڪيس ختم ڪن.