سنڌ ۾ زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ برقرار، آبادگار ۽ شهري ٻيهر روڊن تي نڪري آيا

0
259

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ برقرار، آبادگار ۽ شهري ٻيهر روڊن تي نڪري آيا، جوهي ۾ آبادگارن جو پاڻي نه ملڻ سبب سڙي  ويل فصل کڻي احتجاج، جاتي، دوڙ ۽ ٻين شهرن ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، مٽياري ۾ 60 آبادگارن تي پاڻي چوري ۽ ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، دادو جي عدالت طرفان آبپاشي سيڪريٽري کي جوهي بئراج جو معائنو ڪري پاڻي چوري ۾ ملوث ملازمن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، عدالت چيو آهي ته شڪايتون مليون آهن ته پاڻي چوري ۾ آبپاشي کاتي جا ملازم به ملوث آهن.