عمران خان پاڪستان کي گروي رکيو: شُڪر ڪريو ته ملڪ بچي ويو: مريم نواز

0
212
عمران خان پاڪستان کي گروي رکيو
عمران خان پاڪستان کي گروي رکيو: شُڪر ڪريو ته ملڪ بچي ويو: مريم نواز

بهاولپور: نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ڪرڻ جو ڪارڻ عمران خان جا آءِ ايم سان ڪيل معاهدا آهن، جن حالتن مان پاڪستان گذريو، شُڪر ڪرڻ گهرجي ته ملڪ بچي ويو
بهاولپور ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب دوران مريم نواز چيو ته عمران خان آءِ ايم ايف سان سخت معاهدا ڪرڻ کانپوءِ واعدا ٽوڙيا جن جو نتيجو عوام ڀوڳي رهيو آهي
هن چيو ته ڄاڻان ٿي ته ملڪ ۾ مهانگائي آهي، گيس، بجلي ۽ ماني مهانگي آهي، مون کي مهانگائي جو احساس آهي، ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي تي نواز شريف به لنڊن ۾ پريشان آهي
مريم نواز چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف پاڪستان کي سري لنڪا بڻجڻ کان بچائي ورتو، منهنجي عهدي جون ڳالهيون ٿي رهيو آهن، آئون عهدن جِي محتاج نه آهيان، عوام جي محبت ئي سرمايو آهي
هن چيو ته عوام جي محبت کي موروثيت نه پر جمهوريت چيو ويندو آهي، پنجن جَي ٽولَي کوسا، ڊيم والَي بابا، عمران ۽ سندس ٻن بيساکين ملڪ کي لُٽيو، نون ليگ جڏهن اقتدار سنڀاليو مخالفن سمجهيو ته پارٽي شايد خاموش ۽ ڪمزور ٿي وئي آهي، توهان کي ميدان ۾ جيترا چڪر لڳائڻا هئا لڳائي ورتا هاڻ نون ليگ جو وارو آهي

هن کي به پڙهندا

مريم نواز سان ناراضگي: شاهد خاقان عباسي پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

شاهد خاقان سان ملاقات ڪنديس: مريم نواز