باجوه احتساب نه ڪرڻ ڏنو: مان دهشتگردي ۽ مهانگائي جو ذميوار ناهيان، حڪومت ۾ هجان ها ته جوابده هُجان ها: عمران خان

0
208
اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جَي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ مهانگائي جو ذميوار مان نه آهيان، جيڪڏهن حڪومت ۾ هجان ها ته ذميوار هجان ها
لاهور ۾ ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته پشاور حملي تي افسوس ٿيو، گورنر جاچ کان اڳ اليڪشن ملتوي ڪرڻ لاءِ خط ڪيئن لکيو؟ افغانستان ۾ امن لاءِ طالبان سان ڳالهين جي سهولت ڏني، آمريڪين جي نڪرڻ تي افغانستان ۾ گهرو ويڙهه جو خطرو هو، جيڪڏهن افغانستان ۾ گهرو ويڙهه ٿي ته ان جو اثر پاڪستان تي پوندو
عمران خان چيو ته جنرل باجوه سان ڪي به اختلاف نه هئا، اسين هڪ پيج تي هئاسين، جنهن سبب ڪيترائي سٺا ڪم به ٿيا، ايڪسٽينشن بعد باجوه چيو ته احتساب تان هٿ کڻو، باجوه مخالفن کي اين آر او ڏيڻ جو چيو ته مان انڪار ڪيو، باجوه سان ٻيهر اختلاف فيض حميد جي مامري تي ٿيو
هن چيو ته افغانستان ۾ 30 کان 40 هزار ويڙهاڪ موجود هئا، فيصلو ٿيو ته فوج ۽ اسيمبلي ميمبرز طئه ڪندا ته ويڙهاڪن کي پاڪستان ۾ ڪيئن آباد ڪجي؟
پشاور ڌماڪو اليڪشن ٽارڻ جي ڪوشش آهي: عمران خان
چيئرمين پي ٽي آءِ چيو ته موجوده عهديدارن 1100 ارب رپين جي ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪري ڇڏيا آهن، انهن ۾ ملڪ هلائڻ جي اهليت نه هئي ان ڪري کين منهنجي حڪومت ختم نه ڪرڻ گهرجي ها، هو پشاور حملي کي اليڪشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ چاهين ٿا
آصف زرداري ڀلي عدالت وڃي، اُتي ثبوت ڏيندس: عمران خان
آصف زرداري طرفان قانوني نوٽيس موڪلڻ واري معاملي تي عمران خان چيو ته عدالت آصف زرداري کان پڇندي ته ڪهڙي ساک هئي جيڪا خراب ٿي وئي؟
هن چيو ته آصف زرداري کي قرآن تي قسم کڻڻي پوندي ته هُن ڪيترن ماڻهن کي قتل ڪرايو، چاهيان ٿو ته آصف زرداري مون خلاف عدالت ضرور وڃي، پڪا اطلاع آهن ۽ ثبوت به آهن ته آصف زرداري مون خلاف سازش ڪئي
عمران خان چيو ته آصف زرداري کي منهنجي سامهون عدالت ۾ بيهاريو، مون وٽ آصف زرداري خلاف الزامن جو ڪتاب آهي

هن کي به پڙهندا

عمران خان پاڪستان کي گروي رکيو: شُڪر ڪريو ته ملڪ بچي ويو: مريم نواز