عمران خان اڃا لاڏلو آهي، هر ڪُنڊ ۾ سندس سهولتڪار موجود آهن: بلاول ڀٽو زرداري جو ڪراچي ۾ جلسي کي خطاب

0
204
بلاول ڀٽو زرداري جو ڪراچي ۾ جلسي کي خطاب
عمران خان اڃا لاڏلو آهي، هر ڪُنڊ ۾ سندس سهولتڪار موجود آهن: بلاول ڀٽو زرداري جو ڪراچي ۾ جلسي کي خطاب

عمران خان اڃا لاڏلو آهي، هر ڪُنڊ ۾ سندس سهولتڪار موجود آهن، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي پنهنجي سياست بچائڻي آهي ته دهشتگردن جو ساٿ ڇڏڻو پوندو، اسان ته اتحادين کي به ڊائلاگ لاءِ چوندا هئاسين، پر اسان دهشتگردن سان ڪيئن ڳالهيون ڪريون، بلاول ڀٽو زرداري جو ڪراچي ۾ جلسي کي خطاب

بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان آمرن ۽ دهشتگردن جو مقابلو ڪيو آهي ته عمران خان ڪهڙي شئي آهي؟ ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ کي خدا حافظ ڪرائڻ جو ٽريلر هو، سڄي ملڪ ۾ سياسي دهشتگردن کي فارغ ڪنداسين، چونڊون جڏهن به ٿين، جيالا ميدان تي لهڻ لاءِ تيار آهن، اسان عوام ۽ ووٽ جي طاقت سان مخالفن کي هارائينداسين

ڪراچي ۾ نفرت ۽ ڏڦيڙ جي سياست هلندي هئي، پر جيالن اُن سياست کي ختم ڪري ڇڏيو، سنڌ هڪ آهي ۽ رهندي، ذوالفقار ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي شهادت وقت جيالا ڪاوڙ ۾ هئا، تڏهن به اسان جي ايڇ ڪيو تي حملا نه ڪيا، جيالن پاڻ کي باهه ڏني پر رياستي ملڪيتن کي نه ساڙيو

عمران خان تي تنقيد ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سياسي دهشتگرد سان ته ڪجهه ٿيو ئي ناهي، هو هڪ رات به جيل ۾ نه گذاري سگهيو، پاڻ کي بهادر سڏيندڙ بالٽي مٿي تي رکڻ کانسواءِ ٻاهر نٿو نڪري

هن کي به پڙهندا

9 مئي تي ٿيل ڪارروائين جي سمورن منصوبي سازن کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو: آرمي چيف جنرل عاصم منير

جناح هائوس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪندڙ وڳوڙين جون تصويرون جاري: 72 ڪلاڪن ۾ گرفتار ڪرڻ جو حڪم

عمران خان آرمي چيف کي بدنام ڪري رهيو آهي: وزير اعظم