پشاور (م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته 9 مئي جي ڪاري ڏينهن وارين ڪارروائين ۾ ملوث ماڻهن، سندن سهولتڪارن ۽ کين ڀڙڪائيندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين. امن ۽ استحڪام کي خراب ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي. ان ڏس ۾ پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪالهه پشاور هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو. ڪور ڪمانڊر پشاور سندس آڌرڀاءُ ڪيو. ان موقعي تي آرمي چيف قومي سلامتي کي درپيش خطرن بابت  زور ڏنو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي دهشتگردي خلاف ڪاروائين تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف پاڪ فوج جي پيشيواراڻي ڪارڪاردگي جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي آرمي جي آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته امن استحڪام جي عمل کي خراب ڪندڙن  لاءِ ڪا جاءِ نه هوندي. پاڪ فوج اڳتي اهم تنصيبات تي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جي ڪا ڪوشش برداشت نه ڪندي. آرمي چيف چيو ته دشمنن پاران پاڪستان جي فوج کي نشانو بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.  امن امان لاءِ ڪوششون جاري رهنديون. امن استحڪام جو سفر جاري رهندو. هن چيو ته ڪنهن کي امن خراب ڪلرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. آرمي چيف جو وڌيڪ چوڻ هو ته 9 مئي جي ڪاري ڏينهن تي ڀڃ ڊاهه ڪندڙن، انهن کي ڀڙڪائيندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ڏينهن جي سمورن منصوبي سازن کي به پڪڙينداسين. هن چيو ته پاڪ فوج پنهنجي تنصيبن کي ساڙڻ جي وڌيڪ ڪنهن به ڪوشش کي قبول نه ڪندي.  پاڪستاني عوام جي حمايت سان سمورين ڪڌين ڪوششن کي ناڪام بڻائينداسين. چيف انفارميشن وار فيئر ۽ غلط فهميون پيدا ڪرڻ جي ڪوششن بابت به آگاهه ڪيو ۽ چيو ته عوام ۽ فوج ۾ غلط فهميون پيدا ڪرڻ جون ڪوششون عوام سان گڏجي ناڪام بڻايون وينديون. هن چيو ته ملڪ ۾ هاڻي امن ۽ استحڪام کي خراب ڪرڻ جي ڪا گنجائش ناهي. پاڪ فوج جي تنصيبن جو تقدس پائمال ڪرڻ نه ڏنو ويندو.