اسلام آباد: پي ڊي ايم وزيراعظم عمران خان جي آخري ڪارڊ ۽ سرپرائيز وارين ڳالهين کي وزيراعظم جو آخري ڪارڊ ۽ سرپرائيز وزيراعظم جي استعيفيٰ قرار ڏيندي چيو آهي ته قومي  اسيمبلي جو اجلاس گهرائي ميچ کيڏو آخري بال جي نوبت نه  ايندي، وزيراعظم جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمد الله وزيراعظم کي مشور ڏنو آهي ته  هو استعيفيٰ ڏئي گهر هليو وڃي، عمران خان جي هٿ ۾ استعيفيٰ ڏيڻ کان سواءِ ڪو ٻيو ڪارڊ ناهي، عمران خان وٽ نه ڪرشماتي حمايت آهي نه ئي سليماني ٽوپي آهي، هن چيو ته مولانا فضل الرحمان ٻارهون کلاڙي نه پر اپوزيشن ۽ پي ڊي ايم ٽيم جو ڪپتا آهي، مولانا فضل الرحمان اها راند کيڏي رهيو آهي جنهن سان صرف توهان نه پر توهان جي پارٽي به مائينس ٿي ويندي، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته وزيراعظم جي سرپرائيز لاءِ تيار آهيون، فيصلو ايوان ۾ ٿيندو، اتحادي حڪومت سان گڏ نه هلندا، اتحادين سان ڳالهيون ٿيون ته اهي حڪومت کان ناراض هئا، اپوزيشن قيادت وفاق يا پنجاب بابت جيڪو به فيصلو ڪندي اسان کي قبول هوندو،  هن چيو ته اسپيڪر کي آئين ۽ قانون جي پرواهه ناهي، هو عمران خان جي نوڪري ڪري رهيو آهي، پهرين ڏينهن اجلاس گهرائي پارلياماني روايتن تحت ايندڙ ڏينهن تائين ملتوي ڪرڻ قبول هوندو، هڪ سوال تي هن چيو ته ڏڦيڙ ڇو ٿيندو، اسان لانگ مارچ ڪري اينداسين، ڳالهيون ڪنداسين ۽ هليا وينداسين.نواز ليگ اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته هنن جي هڪ ميمبر ٻڌايو هو ته جيڪي حالتون آهن اڳتي اسان کي 17 سيٽون به نه ملنديون، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پتو پئجي ويندو ته پي ٽي آءِ جو ڪهڙو انجام ٿئي ٿو، هن چيو ته ڪو به حڪمران مذهب ڪارڊ استعمال ڪري سمجهو زوال شروع آهي، هن چيو ته پ پ ۽ پي ڊي ايم جي مارچ کي ضم ٿيڻ گهرجي ها. مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب وزيراعظم جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته انشاءَ الله عمران خان شهباز شريف جو نالو وٺندي وٺندي گهر ويندو،عمران خان اهو ڪپتان آهي جيڪو ٽئي وڪيٽون اکيڙي گهر کڻي وڃڻ چاهي ٿو، مهانگائي وارو ڪپتان ڪلين بولڊ ٿي چڪو آهي، ڌمڪين کي ڇڏيو، قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو، ميچ کيڏو، آخري بال جي نوبت نه ايندي، اجلاس گهرايو سرپرائيز توهان جو منتظر آهي، اوهان قوم کي صرف مهانگائي، لٽمار، ڪوڙ ۽ بيروزگاري جا سرپرائيز ڏنا آهن، توهان صرف ڪوڙ ۽ نڪ جي پڪائي ۾ کٽي سگهو ٿا، عمران خان اوهان جو آخري ڪارڊ ۽ سرپرائيز توهان جي استعيفيٰ  آهي.