ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران ٽرائل باوجود ضلعي سطح تي ٽورنامينٽ لاءِ انڊر 19 ٽيمن جو اعلان اڃا تائين نه ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ بورڊ صوبائي سطح تي انڊر 19 ۽ سينئر ٽيمن ۾ ٽورنامينٽ ڪرائڻ لاءِ ٽيمن جي چونڊ لاءِ ٽرائل ڪرايا ويا هئا. اهي ميچون جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ ٿيڻيون آهن پر اڃا تائين ٽيمن جو اعلان نه ڪيو ويو آهي جنهن ڪري رانديگرن مونجهاري جو شڪار آهن. ٽيمن جي اعلان ۾ دير جو ڪو به سبب نه ٻڌايو ويو آهي.