شھيد نذير عباسي جي ورسي … جنھن کي مـوت نه مـاريو

0
218
شھيد نذير عباسي جي ورسي ... جنھن کي مـوت نه مـاريو

 ھن ملڪ جي 76 سالن جي تاريخ ۾ فوج سڌي طرح مارشل لا جي صورت ۾ ملڪ مٿان حڪمراني ڪئي آھي، يعني 32 سالن کان ڪجھ وڌيڪ عرصو سڌي ريت فوج ئي اقتدار ۾ رھي آھي، جنھن ۾ جنرل ايوب کان ويندي جنرل مشرف تائين 4 سڌيون فوجي حڪومتون رھيون آھن. آمريتون پنھنجي جوھر ۾ ته سڀئي ھڪجھڙيون عوام دشمن ئي ھونديون آھن پر پنھنجي پنھنجي معروضي، موضوعي حالتن جي ڪري ۽ پنھنجي خاص منفي ڪردار جي ڪري ڪي ڊڪٽيٽر پنهنجي ظلم سبب عوام کان مـدتن تائين وسري ناھن سگھندا. ھر آمر پنھنجي اندر ۾ منفي قدرن جو ھڪ مڪمل   ڀنڊار ھوندو آھي پر انھن سڀني ۾ جنرل ضياءُ جو نالو ڪنھن کان به وسري ناھي سگھيو، جنھن افغانستان جي ثور انقلاب جي ڪري وڌيڪ طويل 11 سال اقتدار ماڻيو. ھن پنھنجي دؤر ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي کان ويندي شھيد نذير عباسي، شهيد حميد بلوچ ۽ شهيد اياز سمون تائين ڪيئي ڪونڌر مقتل گاهن ۾ موڪليا. ھڪ آدرشي انسان جي ڪٿا ڏاڍي اڻانگي هوندي آهي. روپوشيءَ کان ويندي جيلن جون اذيتون ڀوڳڻ تائين ۽ ان جي بدلي ۾ سماج مان ھاڪاري موٽ نه ملڻ به ڪنھن عذاب کان گھٽ ناھي. شھيد نذير عباسي به اھڙن آدرشي انقلابين مان ھڪ ھو، جنھن سر تان سانگو لاھي پورھيتن جي آزاديءَ لاءِ جان جو دان ڏنو. ھن ھڪ عظيم مقصد خاطر مرڪي مرڪي پنهنجو سر ساهه واريو. ھن جو سماجي سياسي نظام سوشلزم ۾ پختو ويساھ ھو ته جيستائين پورھيتن جي غلاميءَ جون سنگھرون نه ٽٽنديون، پورھيت پنھنجي ھراول دستي جي پارٽي پاڻ نه ٺاھيندو، پنھنجي طبقي جي اڳواڻي پاڻ نه ڪندو ۽ پنھنجي قيادت ڦورو طبقن جي حوالي ڪري ڇڏيندو، تيستائين نه ته سرمائيداراڻي نظام مان ڇوٽڪارو ملندو، نه ئي قومي طبقاتي ۽ جمھوري حق ماڻي سگھبا.

ھو پنھنجي پارٽيءَ (ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان) جي جدوجھد مان شعوري سگھ حاصل ڪرڻ کان پوءِ ان نتيجي تي پھتو ھو ته سڄي سماج جي انتشار ۽ ويڳاڻپ جو بنيادي سبب ڇڙواڳ سرمائيداراڻي معيشت آھي. سرمائيداري نظام ئي سمورين بيمارين جي جڙ آھي ۽ ان جون پاڙون اسان جي ملڪي نيم جاگيردارانا ۽ قبائلي سماج سان ڳنڍيل آھن، جنھن کي عسڪري ۽ سگھاريون قوتون ٽُٽڻ ۽ ڀُرڻ کان بچايو بيٺيون آھن. شھيد نذير عباسي کي مزدورن ۾ ڪم ڪرڻ ۽ دنيا جي ڪلاسيڪل ادب جي مطالعي کيس ڪميونسٽ تحريڪ جي صف اول جي اڳواڻن ۾ بيھاري ڇڏيو ۽ سندس بي لوث جدوجھد کيس جلد ئي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪاميٽي ۾ کڻي آئي. ھن دنيا جي انقلابن مان رھنمائي حاصل ڪري تاريخ جي شعور مان ڄاڻي ورتو ھو ته طبقاتي سماج ۾ ظالم طبقا غريب عوام کي گذر جي وسيلن کان محروم ڪري ساڻن جانورن جھڙو سلوڪ ڪندا آھن ۽ کين ذھني غلام بڻائي جانورن کان به بدتر زندگي گھارڻ تي مجبور ڪندا آھن. ھن رياست اندر جھاتي پائي ان مڪروھ نظام ۾ جيئندڙ پورھيت طبقي جي پيڙا کي محسوس ڪري ورتو ھو ۽ کيس پوري سُڌ ھئي ته طبقاتي نظام ۾ قانون، حڪمران ۽ ظالم طبقي جو ھٿيار ھوندو آھي ۽ قانونن جا ڪوريئڙا پنھنجي ڄار سان اُڻت ڪري سڄي ديس کي ڦاسائي لٽيندا رھن ٿا، پر ھن پورھيت ھلچل مان اھو به ڄاتو ٿي ته پورھيت طبقي وٽ ھارائڻ لاءِ سواءِ غلامي جي سنگھرن جي ٻيو ڪجھ به ناھي ھوندو، ان ڪري پورھيت طبقي (مزدور) کي پنھنجي انقلابي پارٽي ٺاھي ھراول دستي جو تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. ھن جا آدرش انقلابي ھئا، جن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مسافري جو ڪشٽ پنھنجن ڪلھن تي ھر وقت پورهيتن جو ڀرجھلو ٿي رھيو.

آئـون اوھـان سان آھـيان، جيسيـن ٿئي جيـت،

ھا، ھي منھنجا گيت، منھنجو پگھر پورھيو. (اياز)

ھو ڪڏھن به انقلابي سياسي سفر ۾ ٿڪو ڪونه، نه بورجوا پارٽين سان جوڙ ٽوڙ ڪئي، نه ئي حڪمرانن جي سڻڀين آسائشن کي سيني سان لڳائي ڪنھن موقعي پرستي جو شڪار بڻيو. ھو گرامچي جي ڪسوٽيءَ جو پرتوو ھو، جنھن ۾ ھر ڪنھن کي سچ چوڻ کان نه گھٻرائڻ، ايمانداري ۽ نھٺائيءَ سان پورھيت طبقي جي مفادن لاءِ بيھي رھڻ ۽ سادگيءَ سان زندگي گھارڻ ھن جي رڳ رڳ ۾ رچيل ھو. ھن جي خاص خوبي اھا به ھئي ته ھو پنھنجن سياسي مخالفن سان به ورتاءُ سٺو رکندو ھو. جنھن سبب ھو انھن جي دلين ۾ جاءِ ٺاھي وٺندو ھو.

تاريخ انساني ارتقاءَ جي سفر ۾ ڪيئي لاھا چاڙھا ڏسي موجوده انساني شعور جا ڏاڪا چڙھي ڏاھپ جي اوچي مقام تي پھتي آھي، جتي غلامي ھاڻي انسان جو مقدر ناھي پر تاريخ جو جبر آھي. تاريخ جتي انقلابن جو اھڃاڻ به آھي ته اُتي منصورن جي مقتل گاھ به آھي، ڳڀروئن جي رت جي خوشبوءِ ميندي بڻجي مھڪندي رھي ٿي. شھيد نذير عباسي 29 جولاءِ 1980ع تي ڪراچيءَ ۾ پنھنجن ساٿين پروفيسر جمال نقوي، ڪمال وارثي ۽ شبير شر سان گڏ گرفتار ٿيو. گرفتاري دوران به ھن جا حوصلا ايترا ته بلند ھئا جو ھو ڳجهن ادارن جي خفيا سيـل ۾ به مايوس ٿيڻ بجاءِ دوستن کي انقلابي گيت جھونگاري ھمٿائيندو ھو.

تـو ڪه ناواقـفِ آدابِ غـلامي ھي اڀي،

رقص زنجير پھـن ڪر ڀي ڪيا جاتا ھي.

ھي به ملڪي تاريخ جو الميو آهي ته 11 ڏينھن جي جاچ  ۾ ڪو ڳڀرو نوجوان حراست ۾ آڏي پڇا دوران سخت ذھني ۽ جسماني تشدد سھندي پنھنجن باقي ساٿين جا نالا ۽ سرگرميون ظاھر نه ڪندي شھادت جو پيالو پي امـر ٿي ويو ھجي.

ڪو ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي، آ رت ۾ خوشبوءِ مينديءَ جي،

ڪو ڪيئن نه ڊوڙي زندان ڏي، ٿا زلف ڇڪين زنجيرن جا.

 (اياز)