شوقينن لاءِ خوشخبري: ٽڪ ٽاڪ جهڙي نئين ايپ پيش

0
305

ماسڪو(دلچسپ نيوز) ننڍين وڊيوز جي شوقينن لاءِ خوشخبري آهي ته ٽڪ ٽاڪ جهڙي نئين اپليڪيشن متعارف ڪرائي پئي وڃي.روس ۾ ٽڪ ٽاڪ جي طرز جي ايپليڪيشن تيار ڪئي پئي وڃي ۽ بيٽا ورجن ذريعي تجرباتي بنيادن تي ڪجهه ماڻهو ان کي استعمال به ڪري رهيا آهن.ان ايپليڪيشن کي ”yappy“ جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪا مختصر وڊيوز سان گڏوگڏ لائيو سهولت به فراهم ڪندي.

اها ايپ 14 کان 34 ورهين جي ماڻهن ۾ وڌيڪ مقبول ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ ان ۾ واهپيدارن لاءِ زبردست فيچر معيا ڪيا ويندا.شروعاتي طور تي ان ايپ کي تجرباتي مرحلن مان گذاريو پيو وڃي جنهن لاءِ واهپيدارن کي بيٽا ورجن فراهم ڪيو ويو آهي جيڪي پنهنجي تجربن کان ڪمپني کي آگاهه ڪندا.