منشيات ڪيس ۾ شاه رخ خان جو پٽ گرفتار

0
458

ڪراچي(م ڊ) بالي ووڊ اداڪار شاه رخ خان جي پٽ آريان خان کي منشيات استعمال ڪرڻ جي الزام ۾ نارڪوٽس ڪنٽرول بيورو(اين سي بي) حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

ڀارتي ميدِا رپورٽس موجب اين سي بي گذريل ڏينهن ممبئي جي سمنڊ تي هڪ ڪروز شپ تي ٿيل پارٽي تي ڇاپو هنيو جنهن ۾ 8 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

اين سي بي عهديدار جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيلن ۾ شاه رخ جو پٽ آريان به شامل جيڪو هن وقت اسان جي حراست ۾ آهي.

ذريعن جو اداڪار جي پٽ کان جاچ جاري آهي ۽ ان کان سمنڊ ڪناري پارٽي بابت به پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

اين سي بي ذريعن موجب آريان خان جو فون ضبط ڪيو ويو آهي ۽ فون جي اسڪيننگ ڪئي پئي وڃي ته جيئين اداڪار جي پٽ جي منشيات استعمال، وڪرو ۽ خريد ڪرڻ ملوث هجڻ جون شاهديون ملي سگهن.

ھي به پڙھندا

 

رئلٽي شو”بگ باس“ جو هيرو منشيات ڪيس ۾ گرفتار