لنڊن(شوبز نيوز)شهزادو وليم ۽ سندس زال ڪيٽ مڊلٽن پنهنجو يوٽيوب چينل ٺاهي ڇڏيوشاهي جوڙي پنهنجي يوٽيوب چينل تي پهرين وڊيو اپ لوڊ به ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ هنن جا يادگار لمحا قيد ٿيل آهن.يوٽيوب چينل جو نالو”دا ڊيوڪ اينڊ ڊچز آف ڪيمبريج“ آهي ۽ ڪجهه ڪلاڪن ۾ انکي 78 هزار ماڻهو سبسڪرائب ڪري چڪا آهن جڏهن ته چينل يوٽيوب انتظاميا ويريفاءِ به ڪيو آهي.صارفن پاران وڏي انگ ۾ شاهي جوڙي کي خوش آمديد ڪيو پيو وڃي ۽ مبارڪون به ڏنيون پيون وڃن.