شھدادپور(ن پ ا) شھدادپور جي عدالت نينگري سان زيادتي ڪندڙ جوابدار کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ڳوٺ بهادر ڪلوئي ۾ 8 ورهين جي معصوم نينگري ڪاجل ڀيل کي حوس جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار روشن ڀيل کي گرفتار ڪرڻ بعد سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي جاچ آفيسر عدالت کي آگاهه ڪيو ته جوابدار روشن ڀيل تي نينگري سان زيادتي ڪرڻ جو الزام آهي ۽ جوابدار کان زيادتي واقعي بابت جاچ ڪرڻي آهي ان لاءِ جوابدار رمانڊ تي پوليس کي ڏنو وڃي، جنهن تي عدالت سڳوري ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ منظور ڪندي ڄاڻايل جوابدار کي پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هفتو اڳ روشن ڀيل نينگري ڪاجل کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويو هو جنهن کي پوليس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو.