ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور ۾ سرداري، جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام جي متبادل موضوع ھيٺ عوامي ورڪر پارٽي ڪشمور طرفان سيمينار ڪوٺايو ويو.ڪامريڊ يونس راھو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ٻين ملڪن ۾ جاگيرداري نظام ناهي پاڪستان ۾ جاگيرداري  سرمائيداري نظام گذريل سالن صدين کان هلي ٿو ھاري زمين سان ٻڌل آهي ھاري زمين کان ٻاهر نٿو نڪري سرمائيدار اڃان اڳنا سرمائيدار ٿيندو ٿو وڃي شعور جي گھٽتائي ھجڻ ڪري سرداري نظام جي غلامي ۾ جڪڙيل آهيون سنڌ جي اندر انگريزن کان اڳ ۾ جاگيرداري نظام جي شڪل ٻئي طريقي سان ھئي بادشاهيءَ دور ۾ ڪنهن سردار کي ڏنل زمين واپس وٺي ان جي ڪنهن ٻئي فرد حوالي ڪئي ويندي هئي ھتي 50 سالن کان ساڳيا سردار جاگيردار نظام ھلائين ٿا وفاقي سرڪار کي 67 سيڪڙو روينيو  ۽ لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو گيس به سنڌ صوبي کان ملي ٿي سنڌ ۾ تعليم ايتري مھانگي آهي جو ڪو ھاري جو پٽ يونيورسٽي ۾ تعليم نٿو پرائي سگهي ڪنهن نواب سردار جاگيردار ڪڏهن ان معاملي تي اسيمبلين ۾ ناهي ڳالھايو ميٽرو، اورينج بس سروسون موٽروي ۽ ٻيون سھولتون صرف ٻين صوبن لاءِ آهن سنڌ جي عوام لاءِ روڊ رستا به ناهن سرداري نوابي نظام ھلائيندڙ غريب پورهيتن جي حقن لاءِ آواز بلند نٿا ڪن ۽ ننڍين برادرين کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ وارو ڪردار ادا ڪن ٿا انگريز جي دور ۾ سرداري نظام جي ڪا حيثيت نه ھوندي ھئي ھينئر رياست جي زور تي سرداري نظام ھلي ٿو پراڻي سرداري دور ۾ سردارن جي پنھنجي فوج ھوندي ھئي انگريز دور ۾ ٿاڻا قائم ٿيا پوليس ۽ ٻيا کاتا قائم ٿيا ھينئر سرداري نظام جي ڪا ضرورت ناهي سردارن جاگيردارن سرمائيدارن کي اٻوجھ غريب پورهيتن کي پنهنجي غلامي ھيٺ آڻي ڇڏيو آهي ان زنجير کي ٽوڙي نوجوان طبقي کي اڳنا اچي آزادي حاصل ڪري سياست ۾ بنا ڪنهن خوف جي حصو وٺي ڪاميابي حاصل ڪري پنهنجا حق وٺي نوجوان نسل کي تعليم جي رستي تي آندو ويندو.