سعودي عرب ،ايران پردي پٺيان ڳالهين جا ڪارڻ ۽ امڪاني نتيجا

0
321

سعودي عرب جي ولي عهد عبدالله بن عبدالعزيز ايران سان پنهنجن ناتن کي ٺاهڻ ۽ علائقائي مسئلن کي بهترين طريقي سان حل ڪرڻ لاءِ تازو ئي هڪ بيان جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ پهريون دفعو ايران جي متعلق نرم رويو رکيو ويو آهي.هن وقت سعودي عرب کي ايران سان پنهنجن ناتن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي رهي آهي ۽ انجا ڪهڙا ڪارڻ آهن ۽ گڏوگڏ هن ڪالم ۾ وچ اوڀر جي علائقائي سياست کي به سعودي عرب ۽ ايران جي نظر سان جاچڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
وچ اوڀر جي ٻن روايتي مخالف ملڪن سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ گذريل مهيني بغداد ۾ عراق جي وزير اعظم جي ميزباني ۾ بيڪ ڊور ڊپلوميسي شروع ڪئي وئي جنهن جي باري ۾ ٻنهي ملڪن طرفان بيڪ ڊور ڳالهين جي نه ترديد ڪئي وئي ۽ نه وري تصديق ڪئي وئي. فنانشل ٽائيمز اخبار جي دعوا کان پوءِ عراقي سفارتڪارن طرفان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن جي بحالي جي تصديق ڪري ڇڏي.
2016ع ۾ سعودي عرب جي شيعه عالم اڳواڻ شيخ نمر کي سعودي عرب طرفان ملڪ ۾ مذهبي پرچار ۽ بادشاهت جي خلاف ماڻهن کي ڀڙڪائڻ جي الزام تحت ڦاهي ڏيڻ کان پوءِ ايران ۾ سعودي عرب جي خلاف وڏا مظاهرا شروع ٿيا ۽ تهران ۾ موجود سعودي عرب جي سفارتخاني تي پڻ ڪاهه ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي جنهن کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هر سطح جا سفارتي ناتا ختم ٿي ويا.
تازو ئي جڏهن آمريڪا جي نئين حڪومت سان ايران جي نيوڪلئير پروگرام بابت ويانا ۾ ڳالهيون هلندڙ آهن ۽ سفارتي ماهرن طرفان اهو اندازو لڳايو پيو وڃي ته جلد ئي ايران جو آمريڪا ۽ ٻين عالمي طاقتن سان 2015ع ۾ ڪيل ٺاهه کي بحال ڪيو ويندو.ان ڳالهه جي اهميت کي سمجهندي سعودي عرب پڻ ايران جي باري ۾ پنهنجي پاليسي کي نئين سر ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي .
فنانشل ٽائيم اخبار مطابق بغداد ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهين جو محور يمن ۾ هلندڙ گهرو جنگ ۽ لبنان ۾ حزب الله ۽ سعودي عرب جي حمايت يافته سياسي جماعتن جي وچ ۾ سياسي ڊيڊ لاڪ متعلق هو.جنهن ۾ حوثي مليشيا سعودي عرب جي يمن سان ملندڙ سرحد تي ڪافي دفعا مڪمل منصوبابندي سان حملا ڪري چڪا آهن جنهن ۾ گذريل مهيني آرامڪو آئل فيلڊ تي ٿيل حملي کان پوءِ سعودي عرب جي فوج انتهائي پريشان آهي.ان کان اول مارچ مهيني۾ رياض آئل ريفائنري تي پڻ ڊرون حملا ڪيا ويا. پنجن سالن تائين يمن ۾ حوثين سان ويڙهه ڪرڻ جا سعودي عرب کي ڪي به خاطر خواهه نتيجا نه ملي سگهيا آهن ۽ هاڻوڪي صورتحال ته اڃان به وڌيڪ ڀيانڪ ٿي وئي آهي جو سعودي عرب جي فوج پوري ملڪ ۾ انتهائي اعليٰ درجي جي الرٽ پوزيشن ۾ مقرر ٿيل آهي.
اهڙي سنگيني کي سعودي عرب محسوس ڪيو ته آمريڪا طرفان ايران جي نيوڪليئر ٺاهه طرف واپسي جي نتيجي کان پوءِ يقينن ايران جي معاشي ناڪابندي ختم ٿيڻ سان سعودي عرب تي ايراني نواز حوثي مليشيا اڃان به وڌيڪ مضبوطي سان حملا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويندا جنهن سان سعودي عرب کي معاشي پريشاني جو مقابلو پڻ ڪرڻو پوندو.
خطي ۾ ٻئي ملڪ هڪٻئي جي مفادن خلاف ڪم ڪرڻ پنهنجي پرڏيهي پاليسي جو حصو ٺاهي ڇڏيو آهي.2015ع ۾ آمريڪي صدر اوباما جي دور حڪومت ۾ آمريڪا ٻين 5 طاقتور ملڪن چين ،روس،فرانس ،برطانيه ۽ جرمني جي موجودگي ۾ ايران سان ڏهن سالن تي ٻڌل هڪ جامع ايٽمي ٺاهه ڪيو،پر سعودي عرب ۽ اسرائيل جي زور تي آمريڪي صدر ٽرمپ 2018ع ۾ بنا ڪنهن سبب جي ان ٺاهه مان نڪري ويو ۽ ايران کي ان ٺاهه جي عيوض مليل معاشي سهولتون ختم ڪيون ويون.پر جيئن ئي آمريڪا اندر جوو بائيڊن اقتدار سنڀاليو آهي ته ان پنهنجي وچ اوڀر جي پاليسن ۾ ايران سان هڪ ٻيو ايٽمي ٺاهه ڪرڻ سميت يمن جي خانه جنگي جو به مڪمل خاتمي جو عزم ورجايو آهي.جنهن جي ڪري ئي آمريڪا طرفان هڪ خاص سفير ايران سان ايٽمي ٺاهه ۾ واپسي بابت سعودي عرب،متحده عرب امارات،اردن ۽ ٻين ملڪن جي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ انهن ملڪن جي دوري تي نڪتل آهي.
سعودي عرب هن وقت پريشاني جي عالم ۾ آهي،ڇو ته جيڪڏهن ايران سان آمريڪا جو ڪو معاهدو ٿئي ٿو ته ان جو مطلب ايران جي معاشي سگهه ايندڙ سالن تائين ڪافي مضبوط ٿي ويندي ۽ ان کان اول ايران،چين سان پڻ وڏي عرصي تائين جا ڪافي معاشي معاهدا ڪري چڪو آهي.جنهن ۾ چين ايران جي تيل ۽ گئس مارڪيٽ جي اگهه کان سستي اگهه تي خريد ڪندو.جنهن جي جواب ۾ آمريڪا چين جي انهن مال بردار ڪمپنين تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪي پڻ ڏني آهي جيڪي ايران کان تيل کڻي چين طرف وڃي رهيا آهن .ان عمل سان هن وقت ايران جي سفارتي پوزيشن تمام مضبوط ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.سعودي عرب اها ڳالهه بلڪل سمجهي رهيو آهي ته جيڪڏهن ايران جي معاشي پوزيشن مستحڪم ٿيندي ته يمن،لبنان،عراق ۽ شام ۾ موجود ايراني پراڪسيز پوري وچ اوڀر جي سياسي ۽ معاشي نظام کي تبديل ڪري ڇڏيندا ،ڇو ته 2011ع جي عرب اسپرنگ جو خوف سعودي عرب سميت انهن عرب ملڪن جي دماغ مان اڃان نه لٿو آهي جتي ڏهاڪن کان بادشاهي نظام هلي رهيو آهي .
ٻئي پاسي خطي ۾ سعودي عرب ۽ اسرائيل ڪنهن به صورت ۾ ايران جي ڪنهن به قسم جي بالادستي کي ڪنهن به سطح تائين قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.جنهن جو تازو مثال اسرائيل طرفان ايران جي اهم ايٽمي گهر نتنز تي گذريل مهيني ڪيل حملو هو جنهن ۾ ايٽمي گهر ۾ هزارن جي تعداد ۾ سينٽري فيوجز جي پچاءِ واري عمل تي حملو ڪري ايٽمي گهر کي نقصان رسايو ويو.جنهن جو مقصد ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين کي ڪنهن بهاني روڪڻ هو. جنهن جو اعلان ايران طرفان پڻ ڪيو ويو ته اسان جي ايٽمي گهر تي يهودين جارحيت جو مظاهرو ڪيو آهي جنهن جو مقصد آمريڪا سان طئي ٿيل ڳالهين ۾ رخنو وجهڻ آهي.ان حملي جي جواب ۾ ايران طرفان حملي هيٺ آيل ايٽمي گهر جو عالمي ايٽمي ايجنسي جي معائنيڪارن کي دورو ڪرايو جتي انهن معائنيڪارن يورنيم جي 60 سيڪڙو تائين پچاءَ واري عمل جي تصديق ڪري ڇڏي .ان تصديق کان پوءِ سعودي عرب سميت خطي جا ڪافي ملڪ ڳڻتي ۾ وٺجي ويا آهن. هن وقت سعودي عرب، متحده عرب امارات ۽ پاڪستان جي ذريعي ايران سان يمن مسئلي سميت خطي جي ٻين مسئلن تي ڳالهيون ڪري ڪنهن جامع ٺاهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي.جنهن جو تازو مثال پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي جو متحده عرب امارات جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ختم ڪري سڌو ايران جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پهچڻ هو. جڏهن ته عمران خان کي پڻ سعودي عرب طرفان عيد کان اول يا بعد دوري جي دعوت پڻ ڏني وئي آهي .جنهن مان اهو اندازو لڳايو پيو وڃي ته سعودي عرب ايران سان مسئلن کي سفارتي طور دوست ملڪن جي نگراني ۾ حل ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿو.
هن وقت ايران جو عراق،قطر ،شام،يمن ۽ لبنان ۾ مڪمل سياسي ۽ عسڪري اثر رسوخ آهي. جنهن کان سعودي عرب انتهائي خوفزده آهي. گڏوگڏ آمريڪا جي وچ اوڀر جي پاليسي پڻ ايران جي ڪري تبديل ٿي رهي آهي ،جنهن ڪري اسرائيل جا خدشا وڌي رهيا آهن. جيڪڏهن ايران آمريڪا سان ايٽمي ٺاهه کي پراڻن شرطن تي بحال ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته اها ايران جي وڏي سفارتي ڪاميابي تصور ڪئي ويندي.سعودي عرب به جيڪڏهن يمن ۾هلندڙ جنگ جو امن منصوبو پيش ڪري ٿو ته يقينن اهو ايران جي خطي ۾ بالادستي کي اڻ سڌي طرح تسليم ڪرڻ جي برابر سمجهيو ويندو،هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته عبدالله بن عبدالعزيز جي بيان کان پوءِ ايران پنهنجي پاليسي ۾ ڪيتري نرمي ڏيکاري ٿو، اهو ايندڙ ڏينهن ۾ خبر پوندي پر ٻنهي ملڪن جو پنهنجن مفادن جي بچاءَ خاطر ويجهو اچڻ وچ اوڀر سميت مسلمان ملڪن لاءِ تمام اهميت جوڳو قدم آهي.