ساري سِنڌُ سوالي آهي … روبينه ابڙو

0
125

ساري سِنڌُ سوالي آهي….

دَهشت  مان  دَرياھَ   نهاريو

هڪڙي دانهَن وڃي پئي لُڙهندي!

جنھن  جو اڳتي  آرُ  نه  آهي

جنهن جو پُٺتي  پارُ  نه  آهي؛

لُڙهندي اهڙي  ديسِ  پُڄي ٿي

جنهن جو ڪوبه نه والي آهي!

ساري   سِنڌُ    سوالي   آهي.!!!

ڪئمپ منجهان ڪِنجهڪار اچي ٿي

ڄاول  ٻارُ  اکيون  کولي  ٿو

۽   ٻيهار   اکيون   ٻُوٽي  ٿو……

ڌرتي تنهن کي ڪِين وڻي ٿي!

پَريان  ماءُ   مُئي   پئي  آهي

جنھن  جي  اَکِ  ٻُڌائي  پيئي

ڦَٿڪي ساھُه ڏبو ڪيئن آهي!؟

جنھن جي پوتي رَتُ رَڱيل ۽

ٻيئي  پيرَ  مٽيءَ   هاڻا  هِن؛

جنھن جي چوٽي چِيڙهالي ۽

چولِي    اُڊڙيل   آلي   آهي!

ساري   سنڌُ   سوالي   آهي.!!!

اولھه  کان  آوازُ   اچي   ٿو؛

هڪڙي ٽرڪ  وڃي ٿي گُذري

ايمبولينس  اچي  بيهي  ٿي،

ڀرسان  هڪڙو  لاشُ  رکيو آ

“پَنجَ ڏينهن کان پاڻيءَ ۾ هو”

پوڙهي  روئي پارُ ڪڍي  ٿي!

پنهنجو  ڳوٺُ  بچائڻ  خاطر

بَرساتن  ۾   بَندَ   مٿان   هو

پر  پاڻيءَ   ۾  لاٿِ  نه  آئي!

آڌيءَ  ڌاري  بَندُ   ٽُٽي  پيو

هي  ڪهڙي  رَکوالي  آهي.!؟

ساري   سنڌ   سوالي   آهي.!!!

خيمي  ۾  هِڪَ  کَٽَ  پئي آ

جنھن تي ڪوئي ٻارُ نه آهي

بس هڪڙو  رانديڪو  آهي!

سيرانديءَ  بُکَ  پَلٿي  ماري

ننڍڙا   ٻارَ   ڳَڻي ٿي  ويٺي؛

ڪيڏا  ڳوٺَ  وئي ڳِڙڪائي

ضلعا  ڌارَ  ڳَڻي  ٿي  ويٺي..

بُکَ   اڪيلي  بيشڪ  آ  پر

لَکَ  هَزارَ   ڳَڻي  ٿي  ويٺي!

ڪنهنجا هِن گودام  ڀَريل ۽

ڪنهنجو پيٽُ به خالي آهي!

ساري  سنڌ   سوالي   آهي.!!!

(فيس بوڪ تان ورتل)