متاثرن جي مدد لاءِ تجويزون … رضا ٻرڙو

0
189

    سڀ کان پهرين جلد ۾ ٻوڏ متاثرن جي سروي ڪئي وڃي ۽ انهن جي نالي تي ڪارڊ جاري ڪيا وڃن. راشن ۽ پيسا ڊائريڪٽ انهن جي ڪارڊ تي موڪليا وڃن ۽ سماجي تنظيمون به انهن جي ئي سهائتا ڪن. ڪارڊ ٽن قسمن جا هجن جنهن ۾ هڪ ڪارڊ اهڙو هجي جنهن جا سمورا گهر ۽ فصل تباھه ٿيا آهن ۽ اڃا انهن وٽ پاڻي بيٺو آهي ٻيو ڪارڊ اهڙو هجي جنهن جو گهر ڪريو هجي فصل تباھ هجي پر ڳوٺن ۾ پاڻي نه هجي ۽ ٽيون ڪارڊ اهڙو هجي جنهن جو صرف گهر ڪريو هجي ۽ هاڻي اتي پاڻي نه هجي ۽ اتي روزگار واپس بحال ٿي ويو هجي (شهر). ائين ڪرڻ سان سچ پڇو ته حقدارن کي حق ملندو ۽ انهن کي ڪنهن جي اڳيان جهوليون ٽنگڻيون نه پونديون. انهن ماڻهن جو ڊيٽا بيس ايڊريس نقصان هڪ ويبسائيٽ تي ڏنو وڃي ان ۾ انهن جو اڪائونٽ نمبر به هجي. اهو سڀ ڪم هڪ ته ايمانداري سان ڪيو وڃي ۽ ٻيو ته جلد ڪيو وڃي. (فيس بوڪ تان ورتل)