خيرپور ۾ پوليس مقابلو، 2 مبينا ڏوهاري مارجي ويا، 2 اهلڪار زخمي

0
210

خيرپور پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مقابلي دوران ٻن پوليس اهلڪارن کي زخمي ڪندڙ 2 ڏوهاري مارجي ويا آهن

ڪجهه دير اڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد الله آباد ۾ ڦورن ۽ پوليس وچ ۾ ٿيل مقابلي دوران پوليس اھلڪار اڪرم شيخ ۽ دل مير آرائين سخت زخمي ٿي پيا هئا

ترجمان موجب پوليس ڏوهارين جو پيڇو ڪندي رهي ۽ جانوري ڳوٺ ڀرسان درگاهه محسن شاهه پٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ٻيهر مقابلو ٿيو

پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مقابلي دوران اهلڪارن کي زخمي ڪندڙ 2 ڏوهاري مارجي ويا آهن

پوليس طرفان ڏوهارين جا لاش سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيا ويا، جڏهن ته ڏوهارين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي

هي به پڙهندا

ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ ٿاڻي تي حملو، وڏو منشي شهيد، 3 اهلڪار زخمي