ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ ٿاڻي تي حملو، وڏو منشي شهيد، 3 اهلڪار زخمي

0
201
ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ ٿاڻي تي حملو، وڏو منشي شهيد، 3 اهلڪار زخمي
ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ ٿاڻي تي حملو، وڏو منشي شهيد، 3 اهلڪار زخمي

ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ ٿاڻي تي حملي دوران پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو، شهيد پوليس اهلڪار جي جنازي نماز ادا، ايس ايس پي ڪشمور روحل کوسو، رينجرز ونگ ڪمانڊر جميل احمد ۽ ڊپٽي ڪمشنر امير افضل  شريڪ ٿيا

 شهيد اهلڪار خالد ابڙو کي سرڪاري اعزاز سان سلامي، پوليس موجب هٿياربندن گذريل رات ڪچي ۾ گبلو ٿاڻي تي حملو ڪيو،  فائرنگ ۾ وڏو منشي  خالد ابڙو شهيد ٿي ويو

پوليس موجب حملي ۾  3 اهلڪار محمد رفيق، فضل عثمان ۽ علي  شير زخمي ٿي  پيا هئا، آءِ جي سنڌ پاران ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي ڌاڙيلن خلاف فوري طور ڪارروائي جو حڪم، پوليس ۽ رينجرز جو علائقي کي ڪڙو چاڙهي آپريشن، شهيد اهلڪار جو مڙهه لاڙڪاڻو نيو ويو

هي به پڙهندا

خيرپور ۾ پوليس مقابلو، 2 مبينا ڏوهاري مارجي ويا، 2 اهلڪار زخمي