خيرپور جا ڪرڪيٽر پي سي بي خلاف عدالت پهچي ويا

0
177
پي سي بي پاران

خيرپور(ن پ ا) خيرپور جي ڪرڪيٽرن ساڻ مبينا زيادتين خلاف پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ٻين خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ پٽيشن داخل، عدالت 11 آگسٽ تي ڌرين کي طلب ڪري ورتو، علي گوهر لاشاري، دريا خان جوڻيجو، عنصر شاهه، شاهد حبيب ڦلپوٽو ۽ ٻين پاران پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين، ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس، جنرل مينيجر ۽ چيئرمين سنڌ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي، درخواستگذارن جو چوڻ آهي ته پي سي بي سٽي ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جو اعلان ڪرڻ سان گڏ ٽيم جو به اعلان ڪيو پر ٽورنامينٽ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ٽيم ۾ دادو شهر جا رانديگر شامل ڪري خيرپور جي رانديگرن سان ناانصافي ڪئي وئي آهي، دادو جي رانديگرن کي واپس موڪلي خيرپور جي رانديگرن کي موقعو ڏنو وڃي.