حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي ڳوٺ محمد بخش شورو جي رهواسين مبينا طور کنڀي گم ڪيل غلام عباس چاچڙ جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عبدالخالق، امداد علي، محسن علي، اصغر علي ۽ ٻين ٻڌايو ته 26 سيپٽمبر تي بلديا ٿاڻي جي پوليس علائقي جي هڪ گهر تي ڪاهه ڪري 3 ڄڻن کي کنڀي گم ڪيو. بعد ۾ ٻن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا جڏهن ته ان ئي ڏينهن تي کنڀي گم ڪيل غلام عباس چاچڙ جي گرفتاري اڃا تائين ظاهر نه ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته سندن ٻن ماڻهن خلاف ڀٽائي نگر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيا ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو اڃا تائين گم آهي. هنن مطالبو ڪيو ته علائقي مان کنڀيل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل جو نوٽيس وٺي اڃا تائين ظاهر نه ڪيل غلام عباس چاچڙ کي ظاهر ڪري کين کنڀي گم ڪندڙ پوليس خلاف ڪارروائي وڃي.