حرا ماني جي ڀائرن سان ڊانس واري وڊيو وائرل

0
253

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي خوبصورت اداڪارا حرا ماني جي ڀائرن سان ڊانس واري وڊيو وائرل ٿي وئي. تفصيل موجب اداڪارا بالي ووڊ گاني تي ڀائرن رحمان عبيد ۽ حسن جمال سان ڊانس واري وڊيو شيئر ڪئي جيڪا ڪجهه ئي منٽن ۾ وائرل ٿي وئي مداحن ان کي نه رڳو پسند ڪيو پر دلچسپ تبصرا پڻ ڪيا. وڊيو پوسٽ ڪندي حراماني ان جي ڪيپشن ۾ لکيو ته گهڻي عرصي بعد شادي کان اڳ وارو وقت ياد اچي ويو. هن چيو ته اسين ٽيئي ڀيڻ ۽ ڀائر شيشي جي اڳيان ڊانس ڪندا هئاسين. هن چيو ته اسين ڀلي ڪيترا به وڌا ڇونه ٿي وڃو پر هميشه ٻار ئي رهنداسين.