ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا هما قريشي سونو سود کي ڀارت جو وزيراعظم ڏسڻ جي خواهشمند آهي. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا هما قريشي هڪ ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي ان دوران هن سوالن جا دلچسپ جواب ڏنا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجو خيال آهي ته سونو سود کي اليڪشن ۾ بيهڻ گهرجي. هما قريشي چيو ته منهنجي خواهش آهي ته سونو سود ڀارت جو وزيراعظم ٿئي ڇاڪاڻ ته انتطام هلائڻ جو ماهر آهي ۽ هن ۾ اڳواڻي ڪرڻ جي پڻ ڀرپور صلاحيت موجود آهي.