جيڪولين کي والدين ڀارت ڇڏڻ جو چئي ڇڏيو

0
338

ممبئي(شوبز نيوز) سريلنڪا سان لاڳاپيل بالي ووڊ اداڪارا جيڪولين کي والدين ڀارت ڇڏڻ جو چئي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا جي هڪ رپورٽ موجب اداڪارا جيڪولين فرناننڊس جو چوڻ آهي ته ڀارت ۾ ڪورونا جي وڌندڙ صورتحال سبب منهنجا والدين منهنجي ڪري سخت پريشان آهن. هڪ انٽرويو ۾ هن انڪشاف ڪيو آهي ته والدين مون کي فوري طور بحرين اچڻ جو چيو آهي . واضح رهي ته جيڪولين جا والدين هن وقت بحرين ۾ رهن ٿا جڏهن ته جيڪولين پڻ موڪلون گذارڻ لاءِ انهن وٽ بحرين ايندي ويندي آهي.