جنرل(ر) باجوا ۽ فيض حميد کي نوٽيس جاري

0
212
جنرل(ر) باجوا ۽ فيض حميد کي نوٽيس جاري
جنرل(ر) باجوا ۽ فيض حميد کي نوٽيس جاري

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوا ۽ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪري ڇڏي

هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس پاران جاري ڪيل ڪاز لسٽ موجب قمر جاويد باجوا ۽ فيض حميد خلاف درخواست جي ٻڌڻي 28 نومبر تي ٿيندي

شهري عاطف علي پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي اڳوڻن آفيسرن پاران غلط ۽ جڙتو طريقي سان مختلف ايونٽس کي ظاهر ڪري داغدار ڪيو ويو

درخواستگذار موجب ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ صحافت جي آڙ ۾ آرٽيڪلز ذريعي رياستي اداري جي ناڪاري تصوير پيش ڪئي وئي

درخواست موجب جاويد باجوا ۽ فيض حميد قانوني رنڊڪون پار ڪري سنگين ڏوهه ڪيو، ايف آءِ اي کي ٻنهي خلاف ڪيس داخل ڪري ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي