حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي اڳواڻن لال جروار، نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ عبدالرحمان سمون ۽ ٻين چيو آهي ته سنڌ جي نگران سرڪار پيپلزپارٽي جي پندرھن سالن جي سنڌ دشمن پاليسي کي جاري رکندي سنڌ جون زمينون مال غنيمت سمجھي وفاق حوالي ڪري رهي آهي. پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ھيستائين حڪمرانن سنڌ ۽ سنڌي قوم کي ملڪ جو خالق صوبو سمجھڻ بدران ھڪڙي فتح ڪيل صوبي وانگر سمجھي سنڌي عوام کي ديوار سان لڳائڻ ۽ سنڌ جي زمينن، شھرن، نوڪرين روزگار سميت قدرتي ۽ معدني وسيلن تي زبردستي قبضو ڪندا پيا اچن. ترقي جي نالي ۾ صدين کان آباد سنڌين جي پيرن ھيٺان ڌرتي کسي پئي وڃي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هنن چيو ته سنڌين سان ٻئي درجي جو شھري ھجڻ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. ڪراچي شهر جي 1 لک 21 هزار ايڪڙ زمين وفاق کي ڏيڻ واري سنڌ سرڪار جي آڇ کي سنڌ جو عوام رد ٿو ڪري. نگران صوبائي سرڪار کي صرف صاف شفاف اليڪشنون ڪرائڻ جو مئنڊيٽ مليل آھي. سنڌ جون زمينون وڪرو ڪرڻ يا وفاق کي ڏئي خوشامد ڪرڻ جو ڪو به اختيار ۽ حق ناهي.